وچ اوڀر ۾ وڌيڪ تڪرار غير دانشمنداڻو، گڏيل جنگبندي وقت جي اهم ضرورت آهي: چيني صدر جي روسي هم منصب سان ڳالهه ٻولهه

بيجنگ- 20 مئي (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ تڪرار جو وڌڻ غير دانشمنداڻو قدم هوندو ۽ هڪ گڏيل جنگبندي ضروري آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ڳالهيون ڪندي چيو ته جنگبندي وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ جنگ ٻيهر شروع ٿيڻ غير مناسب ڳالهه هوندي. هن چيو ته ڳالهين جو جاري رهڻ تمام اهم آهي. واضح …

بيجنگ- 20 مئي (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ تڪرار جو وڌڻ غير دانشمنداڻو قدم هوندو ۽ هڪ گڏيل جنگبندي ضروري آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ڳالهيون ڪندي چيو ته جنگبندي وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ جنگ ٻيهر شروع ٿيڻ غير مناسب ڳالهه هوندي. هن چيو ته ڳالهين جو جاري رهڻ تمام اهم آهي. واضح رهي ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن اڱاري جي رات بيجنگ پهتو هو ۽ اربع ڏينهن ان جي چيني هم منصب سان ملاقات ٿي هئي. ان دوري کي سڄي دنيا م غور سان ڏٺو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته هي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دوري جي ڪجهه ڏينهن بعد ٿيو آهي. روسي ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو اربع جي صبح بيجنگ جي گريٽ هال آف پيپل ۾ ٿيل ان ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن کي ڳالهائيندي ڏيکاريو ويو آهي. اهڙي طرح سربراهي اجلاس کان پوءِ انهن ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ شام جي وقت به ملاقات ٿيندي. روسي صدر ولاديمير پيوٽن چين جو آخري دورو سيپٽمبر 2025 ۾ ڪيو هو ۽ ان وقت تيانجن ۾ ٿيل شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کي 80 سال مڪمل ٿيڻ تي تقريب ۾ شررڪت دوران فوجي پريڊ ڏٺي ۽ صدر شي جن پنگ سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي.

مزید خبریں