اسلام آباد - 20 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي گذريل 75 سالن کان هر آزمائش تي پوري لٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي وائيس چيئرمين ڪائي ڊافنگ جي سربراهي …
پاڪستان ۽ چين جي دوستي گذريل 75 سالن کان هر آزمائش تي پوري لٿي آهي: اسحاق ڊار
اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي گذريل 75 سالن کان هر آزمائش تي پوري لٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي وائيس چيئرمين ڪائي ڊافنگ جي سربراهي ۾ ايندڙ پارلياماني وفد جي آجيان ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر موسم جي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري قائم آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حوالي سان چين جي اڻٿڪ حمايت کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جڏهن ته پاڪستان به ون چائنا پاليسي تي مستقل طور تي قائم آهي ۽ چين جي بنيادي مفادن سان لاڳاپيل معاملن تي ان جي حمايت جاري رکي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا ۽ گڏيل قومن، شنگهائي تعاون تنظيم سميت مختلف عالمي فورمز تي ويجهو تعاون جاري رکيو آهي ته جيئن امن جي فروغ ۽ اسرندڙ ملڪن جي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هن نار خطي ۽ وچ اوڀر جي تازي ڇڪتاڻ واري صورتحال جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ مسلسل سفارتي رابطن ۾ آهن. اسحاق ڊار ٻڌايو ته هن 31 مارچ تي چيني پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي بيجنگ جو دورو ڪيو هو جتي ٻنهي ملڪن علائقائي تڪرار جي حل لاءِ پنج نقاطي امن منصوبو پيش ڪيو، جنهن کانپوءِ درجنين ملڪن جي حمايت حاصل ٿي. هن چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو فليگ شپ منصوبو ۽ پاڪ چين دوستي جي روشن علامت قرار ڏيندي چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي معاشي منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ صنعتڪاري، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي ڌيان ڏنو ويندو. اسحاق ڊار چيو ته 2013ع جي چونڊن کانپوءِ پاڪستان شديد توانائي بحران جو شڪار هو ۽ شهري علائقن ۾ 18 جڏهن ته ڳوٺاڻي علائقن ۾ 20 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي، جڏهن ته چين پاڪستان کي توانائي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ڀرپور تعاون فراهم ڪيو جنهن تي پاڪستاني قوم سدائين ٿورائتي رهندي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 23 کان 26 مئي تائين اعلى سطحي وفد سان گڏ چين جو سرڪاري دورو ڪندو. دوري دوران پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جون تقريبون منعقد ٿينديون جڏهن ته چيني قيادت بشمول صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سان ملاقاتون پڻ ٿينديون. نائب وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان چين سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي پراڻي دوستي خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.











