اسلام آباد - 20 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بطور قائد ايوان سينيٽ آف پاڪستان ۾ “چين – پاڪستان دوستي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ” جي عنوان سان هڪ قرارداد پيش ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو جيڪا پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ 75هين سالگرهه جي مناسبت سان پيش ڪئي وئي. بعد ۾ اها قرارداد سينيٽ پاران متفقه …
اسحاق ڊار کي سينيٽ ۾ “چين – پاڪستان دوستي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ” جي عنوان سان قرارداد پيش ڪرڻ جو اعزاز حاصل
اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بطور قائد ايوان سينيٽ آف پاڪستان ۾ “چين – پاڪستان دوستي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ” جي عنوان سان هڪ قرارداد پيش ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو جيڪا پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ 75هين سالگرهه جي مناسبت سان پيش ڪئي وئي. بعد ۾ اها قرارداد سينيٽ پاران متفقه طور تي منظور ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پنهنجي خطاب ۾ نائب وزيراعظم ان تاريخي موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي قيادت ۽ عوام کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل امنگن تي ٻڌل پاڪستان – چين لاڳاپا گذريل 75 سالن دوران مسلسل مضبوط ٿيا آهن جيڪي اڄ به علائقائي امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ هڪ اهم ٿنڀ جي حيثيت رکن ٿا. هن سياسي، اقتصادي، اسٽريٽجڪ ۽ عوامي رابطن سميت سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي ان گڏيل عزم کي اجاگر ڪيو ته ان مضبوط دوستي کي ايندڙ نسلن تائين وڌيڪ مضبوط انداز ۾ اڳتي وڌايو ويندو.











