سينيٽ پاران پاڪستان ۽ چين جي دوستي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي توثيق بابت تاريخي قرارداد متقفه طور تي منظور

اسلام آباد - 20 مئي (اي پي پي) سينيٽ پاران پاڪستان ۽ چين جي دوستي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي توثيق بابت تاريخي قرارداد متقفه طور تي منظور ڪئي وئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ عوامي جمهوريه چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي اها قرارداد نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو …

اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) سينيٽ پاران پاڪستان ۽ چين جي دوستي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي توثيق بابت تاريخي قرارداد متقفه طور تي منظور ڪئي وئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ اسلامي جمهوريه پاڪستان ۽ عوامي جمهوريه چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي اها قرارداد نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تاريخي، آزمايل، پائيدار ۽ فولادي دوستي کي گهري فخر ۽ اطمينان سان ياد ڪري ٿو جنهن کي ٻنهي ملڪن جي قيادت جي مسلسل دانشمنداڻي ڪوششن ۽ عوام جي مخلصاڻي خيرسگالي جي ذريعي وڌايو ويو. قرارداد ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو ته اهي ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ احترام، گڏيل امنگن، امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اڻٿڪ عزم تي ٻڌل آهن جيڪي بدلجندڙ عالمي حالتن جي باوجود هر آزمائش تي پورا لٿا ۽ ٻنهي ملڪن جي لاءِ قوت، اعتماد ۽ اطمينان جو مستقل ذريعو بڻيل آهن. پاڪستان جي بنيادي قومي مفادن بابت معاملن تي چين جي اڻٿڪ حمايت، پاڪستان جي خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ، جڏهن ته قومي سلامتي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۾ چين جي ثابت قدم معاونت کي ساراهيون ٿا. پاڪستان به چين جي بنيادي قومي مفادن بابت معاملن تي پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو، هڪ چين پاليسي سان پنهنجي مضبطو عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ان ڳالهه جي توثيق ڪري ٿو ته تائيوان چين جي علائقي جو اڻٽٽ حصو آهي. پاڪستان سنڪيانگ، زي زانگ، هانگ ڪانگ ۽ ڏکڻ بحيره چين بابت معاملن تي چين جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ پارلياماني ۽ بين الپارلياماني رابطن جي آجيان ڪري ٿو ۽ علائقائي ۽ عالمي امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، گڏيل تفهيم ۽ تعاون جي جذبي تحت انهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ٿو. اهو به چيو ويو آهي ته هي ايوان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، اسٽريٽجڪ، تعليمي، ثقافتي ۽ عوامي سطح تي وڌندڙ تعاون کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو جيڪو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي رشتن کي وڌيڪ گهرو ڪري رهيو آهي. ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي ته هي ايوان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جاري رکندو ۽ گڏيل خوشحالي، گڏيل مفاد ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين سان عملي حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏي ٿو.