پاڪ چين سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي يادگاري سرگرمين ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو وفد اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد - 20 مئي (اي پي پي) پاڪ چين سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي يادگاري سرگرمين ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو وفد 20 کان 21 مئي تائين اسلام آباد جو دورو ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب چين جي 14هين نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي وائيس چيئرمين ڪائي ڊافينگ جي قيادت ۾ چيني وفد اسلام آباد …

اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) پاڪ چين سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي يادگاري سرگرمين ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو وفد 20 کان 21 مئي تائين اسلام آباد جو دورو ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب چين جي 14هين نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي وائيس چيئرمين ڪائي ڊافينگ جي قيادت ۾ چيني وفد اسلام آباد پهچي ويو آهي جنهن جو استقبال قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفى شاهه پاڪ چين پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي ڪنوينر قومي اسيمبلي ميمبر رومينه خورشيد عالم سان گڏ ڪيو. بيان موجب وفد پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي يادگاري سرگرمين ۾ شرڪت جي لاءِ 20 کان 21 مئي تائين اسلام آباد جو دورو ڪري رهيو آهي.