بيجنگ- 20 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي پهرين خودمختار آر ايم بي پانڊا بانڊز کي عالمي سيڙپڪارن کان غير معمولي موٽ ملي آهي، جتي 1.75 ارب يوآن جي جاري ٿيڻ جي مُقابلي ۾ سبسڪرپشن 8.8 ارب يوآن کان ٽپي وئي آهي، جيڪا جاري ڪيل طلب جي ماپي کان پنجُوڻ تي وڌيڪ رهي. چيني ميڊيا جي رپورٽن موجب، پاڪستان چين جي انٽربينڪ بانڊ مارڪيٽ ۾ 2.5 سيڪڙو جي گهٽ ۾ …
پاڪستان جي پهرين خودمختار آر ايم بي پانڊا بانڊز کي عالمي سيڙپڪارن کان غير معمولي موٽ

مزید خبریں
بيجنگ- 20 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي پهرين خودمختار آر ايم بي پانڊا بانڊز کي عالمي سيڙپڪارن کان غير معمولي موٽ ملي آهي، جتي 1.75 ارب يوآن جي جاري ٿيڻ جي مُقابلي ۾ سبسڪرپشن 8.8 ارب يوآن کان ٽپي وئي آهي، جيڪا جاري ڪيل طلب جي ماپي کان پنجُوڻ تي وڌيڪ رهي. چيني ميڊيا جي رپورٽن موجب، پاڪستان چين جي انٽربينڪ بانڊ مارڪيٽ ۾ 2.5 سيڪڙو جي گهٽ ۾ گهٽ وياج جي شرح تي ڪامياب پانڊا بانڊز جاري ڪيو، جنهن کي تازن سالن ۾ پاڪستان جي ٻاهرين خودمختار فنانسنگ لاڳت جي گهٽ ترين سطح قرار ڏنو پيو وڃي. رپورٽ موجب، هن بانڊ جي گڏيل ضمانت ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بينڪ ۽ اي ڊي بي ڏني آهي، جڏهن ته حاصل ٿيندڙ فنڊ صاف توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪيا ويندا. تجزيڪارن موجب، پانڊا بانڊز جي غير معمولي اوور سبسڪرپشن پاڪستان جي معاشي سڌارن، مالي استحڪام ۽ مستقبل جي ترقي تي عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جو واضح ثبوت آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان ترقياتي فنڊز لاءِ آمريڪي ڊالر تي ڀاڙيندو رهيو، جنهن جي ڪري مالياتي لاڳت ۽ عالمي مالياتي دٻاءُ ۾ اضافو ٿيندو رهيو، تنهن هُوندي به آر ايم بي فنانسنگ کان قرضن جي ڍانچي ۾ بهتري ۽ مالياتي ذريعن ۾ اوسر پيدا ٿيندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻن وڏن عالمي مالي ادارن جي گڏيل ضمانت سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ڪيو آهي، جڏهن ته سي پيڪ تحت جاري تعاون پڻ مارڪيٽ کي هڪ مثبت اشارو ڏنو. ماهرن موجب، پانڊا بانڊز جي ڪامياب شروعات نه رڳو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مالي تعاون کي مضبوط بڻائيندو، پر بي آر آءِ جي تحت علائقائي رابطيڪاري ۽ ترقياتي ڀائيواري کي به نئين سگهه ڏيندو. چيني مبصرن جو چوڻ آهي ته موجوده عالمي معاشي غير يقيني صورتحال ۾ آر ايم بي بانڊز جي وڌندڙ مقبوليت چيني ڪرنسي جي عالمي سطح تي قبوليت ۽ آر ايم بي جي عالمگير ٿيڻ جو اهم مظهر آهي. انهن چيو ته پاڪستان جي پانڊا بانڊز جي ڪاميابي اُسرندڙ ملڪن لاءِ چين جي ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين پهچ جا نوان موقعا پيدا ڪندي.











