سيڪيورٽي فورسز جو اُتر وزيرستان ۾ ڳجهي بنياد تي آپريشن، ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جا 22 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي- 19 مئي (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز اُتر وزيرستان ۾ خوارجين جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ۽ ڇِتي فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 22 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي خوارجين جي موجودگيءَ جي حوالي سان 17 مئي کان اُتر وزيرستان جي علائقي شيوه ۾ …

راولپنڊي- 19 مئي (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز اُتر وزيرستان ۾ خوارجين جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ۽ ڇِتي فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 22 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي خوارجين جي موجودگيءَ جي حوالي سان 17 مئي کان اُتر وزيرستان جي علائقي شيوه ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان علائقي کي ڪليئر ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ۽ ڇِتي فائرنگ جي ڏي وٺ کانپُوءِ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڀارتي سرپرستيءَ ۾ ڪم ڪندڙ فتنه الخوارجين جي 22 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. مارجي ويلن ۾ ڀارتي حمايته يافته فتنه الخوارجين وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو. اهي دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترن ئي ڪارروائين ۾ سرگرم هئا. هن وقت ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي جو ڪَڙو چاڙهي ڇڏيو آهي. شاهدن موجب خوارجين مقامي آباديءَ کي خوفزده ۽ زبردستي پنهنجي مرضيءَ موجب استعمال ڪيو ته جيئن محفوظ رستو حاصل ڪري سگهجي ۽ کين انساني ڍال طور تي استعمال ڪري سگهجي. آءِ ايس پي آر اهڙن قدمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته عوام جي جان کي خطري ۾ وجهڻ ان عمل جو ڪو جواز پيش نٿو ڪري سگهجي. علائقي ۾ لِڪل خوارجين جي مڪمل خاتمي تائين ڪليئرنس آپريشن جاري رهندو، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا وفاقي ايپڪس ڪميٽيءَ جي منظور ڪيل نيشنل ايڪشن پلان تحت ويزن عزم استحڪام موجب پرڏيهي حمايت يافته دهشتگرديءَ جي ناسُور کي ملڪ مان مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور دهشتگرديءَ واري مهم جاري رکندا.