اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورتي فورسز جي تعريف ڪئي آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير محسن نقوي 22 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورتي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز اثرائتي ڪارروائي ڪري فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي …
وفاقي وزير محسن نقوي پاران فتنه الخوارج جي 22 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورتي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورتي فورسز جي تعريف ڪئي آهي. گهرو وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير محسن نقوي 22 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورتي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز اثرائتي ڪارروائي ڪري فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو، سيڪيورٽي فورسز جي بهادر سپوتن کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو انجام عبرتناڪ موت آهي. هن چيو ته قوم جي حمايت سان فتنه الخوارج جي دهشتگردن ۽ سهولتڪارن جو خاتمو ڪيو پيو وڃي.










