صدر آصف علي زرداري جو چين جو دورو پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ انتهائي اهميت وارو رهيو: مرتضى سولنگي ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا جي پريس ڪانفرنس

اسلام آباد - 19 مئي (اي پي پي) صدر جي ترجمان مرتضى سولنگي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جو چين جو دورو پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ انتهائي اهميت وارو رهيو، هلندڙ سال پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، هنگور آبدوز جي ڪميشننگ تقريب هڪ وڏي اڳڀرائي آهي، ٻنهي …

اسلام آباد – 19 مئي (اي پي پي) صدر جي ترجمان مرتضى سولنگي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جو چين جو دورو پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ انتهائي اهميت وارو رهيو، هلندڙ سال پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، هنگور آبدوز جي ڪميشننگ تقريب هڪ وڏي اڳڀرائي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ دفاع، زراعت، صحت، صنعتي تعاون ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ 5 مفاهمتي يادداشتن ۽ هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. ايوان صدر ۾ صدر جي ترجمان مرتضى سولنگي ۽ پريس سيڪريٽري دانيال گيلاني سان گڏ پريس بريفنگ ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي جنهن جي ڪري هي سال ٻنهي ملڪن جي لاءِ غيرمعولي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ چين جي مختلف اعلى شخصيتن جا دورا به انهي سلسليءَ جي ڪڙيءَ آهن جڏهن ته ٻئي ملڪ ان تاريخي سال کي خصوصي اهميت ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري پاران پاڪ چين لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جون ڪوششون اڄ جون نه آهن پر 2008ع کان جاري آهن جڏهن ته تاريخي طور تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا قدم به ان سلسلي ۾ اهم سمجهيا وڃن ٿا. سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته ان جا ٻه وڏا مقصد هئا، پهريون مقصد آبدوزن جي منصوبي بابت هو جنهن جي ڳالهه ٻولهه صدر آصف علي زرداري پنهنجي صدارت جي دور ۾ 2012ع ۾ شروع ڪئي هئي جڏهن ته ان معاهدي تي 2015ع ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ صحيحون ٿيون. ڪجهه ٽيڪنيڪي مسئلن جي ڪري ان منصوبي ۾ دير ٿي جڏهن ته گذريل سان ان جي پهچ جي حوالي سان اڳڀرائي واضح آهي. صدر آصف علي زرداري خواهش ظاهر ڪئي هئي ته هو پنهنجي چين جي ايندڙ دوري دوران پاڻ هنگور آبدوز جي ڪميشننگ تقريب ۾ شرڪت ڪري جيڪا ان جي لاءِ هڪ جذباتي لمحو پڻ هو ڇو ته هو ان منصوبي کي مسلسل فالو ڪندو رهيو هو. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته صدر آصف علي زرداري جي هڪ پراڻي خواهش چيئرمين مائو جي گهر ۽ يادگار جو دورو ڪرڻ پڻ هو جنهن کي چيني حڪومت تمام گهڻو ساراهيو. صدر آصف علي زرداري چيئرمين مائو جي گهر ويو، سندس قبر تي گل چاڙهيا ۽ کيس ان حوالي سان واحد صدر قرار ڏنو ويو جنهن چيئرمين مائو جي گهر جو دورو ڪيو. صدر آصف علي زرداري جي ويزن موجب صوبائي سطح تي چين جي مختلف صوبن، انهن جي پارٽي سيڪريٽرين، گورنرز ۽ ميئرز سان رابطن کي پڻ اهم قرار ڏنو ويو. بريفنگ ۾ چيو ويو ته چين جي ڪجهه صوبن جي معيشت ڪيترن ئي ٽريلين تي ٻڌل آهي ۽ هر صوبو ڪنهن نه ڪنهن مخصوص شعبي جهڙوڪ فرنيچر، مشينري، ايرو اسپيس يا زراعت ۾ مهارت رکي ٿو، هنان صوبي جي دوري جو خصوصي ذڪر ڪندي ٻڌايو ويو ته اهو چين جي “بريڊ باسڪٽ” سڏرائي ٿو ۽ زراعت جو وڏو مرڪز آهي. صدر آصف علي زرداري اتي مختلف ڪمپنين ۽ زرعي ادارن جو دورو ڪيو. هنان جي فري زون ماڊل کي پڻ چين جي لاءِ اهم قرار ڏنو ويو. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته پاڪستاني فلمن کي چين ۾ متعارف ڪرائڻ جي لاءِ صدر خصوصي دلچسپي ورتي. انهي سلسلي ۾ فلم “مولا جٽ” جو چيني زبان ۾ پريميئر چين ۾ منعقد ٿيو جڏهن ته ان جي ڪمرشل ريليز 21 مئي تي متوقع آهي. عملدارن موجب اها پاڪ چين ثقافتي تعاون ۾ هڪ وڏي اڳڀرائي آهي. سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته دوري دوران ڪيترين ئي مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) تي پڻ صحيحون ڪيون ويو. ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ سامونڊي پاڻي کي استعمال جوڳو بڻائڻ جي منصوبي تي معاهدو ڪيو ويو جنهن تحت 50 ايم جي ڊي جو پلانٽ لڳايو ويندو. زراعت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ پڻ ايم او يوز سائن ڪيا ويا ته جيئن آبادگارن کي جديد تعليم ۽ سهولتون فراهم ڪري سگهجن. چين جي وڏي چانهه ٺاهيندڙ ڪمپني سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن پاڪستان ۾ چانهه جي پوکيءَ جي امڪانن جو جائزو وٺڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. عملدارن موجب پاڪستان ساليانو اربين ڊالر جي چانهه درآمد ڪري ٿو جڏهن ته چين چاهي ٿو ته پاڪستان پنهنجي چانهه پاڻ پيدا ڪري. وڌيڪ اهو ته چيني مشينري ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ مينوفيڪچرنگ جي دعوت ڏني وئي جڏهن ته ويڪسين سازي جي شعبي ۾ پڻ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. سنڌ حڪومت سان هڪ حياتياتي تحقيقاتي ادارو قائم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو ويو جتي جانورن ۾ “فٽ اينڊ مائوٿ” بيماري جي ويڪسين تيار ڪئي ويندي. ان منصوبي تحت جانورن جي ٽريڪ اينڊ ٽريس ويڪسينيشن جو نظام پڻ متعارف ڪرايو ويندو ته جيئن هر جانور جي ويڪسينيشن جو مڪمل رڪارڊ رکي سگهجي. ان کانسواءِ ميڊيڪل انٽيليجنٽ روبوٽڪس ۽ ڪلينڪ ايپليڪيشنز پڻ هڪ تمام دلچسپ شعبو آهي. سليم مانڊوي والا چيو ته چين ۾ عام طور تي روبوٽس جو استعمال ڪافي وڌي رهيو آهي ۽ مختلف شعبن ۾ روبوٽس متعارف ڪرايا پيا وڃن. اها به هڪ اهڙي ٽيڪنالاجي آهي جنهن کي پاڪستان ۾ آڻڻ جي خواهش آهي. ان حوالي سان ڪجهه گڏيل مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) ۽ معاهدن تي ان دوري دوران سائيڊ لائين تي صحيحون ڪيون ويون آهن. صدر پهريون ڀيرو هڪ سول ايوارڊ ڊاڪٽر پين کي ڏنو جيڪو پاڪستان ۾ صدر جي دعوت تي آيو هو. ڊاڪٽر پين ٻارن ۾ دل ۽ هڏين جي بيمارين جا ٻه ڪامياب آپريشنز ڪيا. آئون پاڻ به ان سان مليو آهيان. هن اها ٽيڪنالاجي ان جي لاءِ تيار ڪئي ڇو ته اڪثر اهڙا ٻار جيڪي دل جي بيماري سان پيدا ٿين ٿا، انهن جو مناسب علاج دستياب ناهي هوندو. جڏهن هو پاڪستان آيو ته اي ايف آءِ سي ۾ هن اٽڪل 20 کان 25 ٻارن جو علاج ڪيو ۽ الله جي فضل سان اهي سڀئي صحتياب ٿي چڪا آهن. هو اڳتي به پاڪستان ايندو ۽ هتان جي ڪارڊيڪ سرجنز کي تربيت پڻ ڏيندو ۽ انهن سان گڏجي آپريشنز ڪندو ته جيئن اهي به اها ٽيڪنيڪ سکي سگهن. صدر اهو اعزاز انتهائي فخر سان ڏنو ۽ اهو پهريون صدارتي ايوارڊ هو جيڪو ڪنهن غيرملڪي ماهر کي ڏنو ويو. اهو ايوارڊ اڳ ۾ صدر جي چين جي دوري ۾ ڏيڻ جي لاءِ مختص هو، پر هتي پاڪستان ۾ ڏنو ويو. چيني ڌر به ان قدم کي تمام گهڻو ساراهيو. جڏهن صدر اهو ايوارڊ ڏئي رهيو هو ته هن ان موقعي تي چيو ته اسان جي ماڻهن جي وچ ۾ لاڳاپا ته اڳ کان آهن پر هاڻي اسان جي وچ ۾ “هارٽ ٽو هارٽ ڪانٽيڪٽ” پڻ قائم ٿي رهيو آهي.