اسلام آباد - 19 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ ڪامياب آپريشن دوران فتنه الخوارج جي 22 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي خلاف موثر ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته مقامي آبادي کي انساني ڍال جي …
صدر آصف علي زرداري پاران اتر وزيرستان ۾ ڪامياب آپريشن دوران فتنه الخوارج جي 22 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ ڪامياب آپريشن دوران فتنه الخوارج جي 22 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي خلاف موثر ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته مقامي آبادي کي انساني ڍال جي طور تي استعمال ڪرڻ فتنه الخوارج جي سفاڪيت ۽ انسان دشمني جو ثبوت آهي. صدر آصف علي زرداري دهشتگردي جي خلاف “عزم استحڪام” تحت جاري ڪاررواين ۾ حصو وٺندڙ جوانن جي حوصلي، بهادري ۽ قربانين کي ساراهيو.










