اسلام آباد - 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي اتر وزيرستان جي علائقي شيوا ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان ڪارروائي ۾ فتنه الخوارج جي 22 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فوزسز جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته عزم استحڪام جي ويزن موجب …
وزيراعظم پاران اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي اتر وزيرستان جي علائقي شيوا ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان ڪارروائي ۾ فتنه الخوارج جي 22 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فوزسز جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته عزم استحڪام جي ويزن موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڀرپور ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي، اسان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.











