اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) گاڏين جي خريداري لاءِ بئنڪن طرفان قرضن جي جاري ٿيڻ (آٽو فنانس) ۾ اپريل دوران ماهوار ۽ ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري انگن اکرن مطابق اپريل ۾ گاڏين جي خريداري لاءِ بئنڪن طرفان فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 360 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو مارچ جي ڀيٽ ۾ 4.1 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مارچ ۾ گاڏين جي …
آٽو فنانس ۾ اپريل دوران ماهوار ۽ ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) گاڏين جي خريداري لاءِ بئنڪن طرفان قرضن جي جاري ٿيڻ (آٽو فنانس) ۾ اپريل دوران ماهوار ۽ ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري انگن اکرن مطابق اپريل ۾ گاڏين جي خريداري لاءِ بئنڪن طرفان فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 360 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو مارچ جي ڀيٽ ۾ 4.1 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مارچ ۾ گاڏين جي خريداري لاءِ بئنڪن طرفان 345 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا هئا. گذريل سال اپريل جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال اپريل ۾ گاڏين جي خريداري لاءِ بئنڪن طرفان قرضن جي فراهمي ۾ ساليانو بنيادن تي 36.6 سيڪڙو جي اوسر رڪارڊ ڪئي وئي آهي. گذريل سال اپريل ۾ گاڏين جي خريداري لاءِ بئنڪن طرفان فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 263 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو، جيڪو هلندڙ سال اپريل ۾ وڌي 360 ارب رپيا ٿي ويو.











