ڪوئيٽا - 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هر قسم جي مهم جوئي جي خلاف پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع جي عزم جو ورجاءُ ڪندي قومي خودمختياري جي تحفظ ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي صلاحيت، عملي تياري ۽ قربانين کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪمانڊ اينڊ …
وزيراعظم پاران هر قسم جي مهم جوئي جي خلاف پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
ڪوئيٽا – 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هر قسم جي مهم جوئي جي خلاف پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع جي عزم جو ورجاءُ ڪندي قومي خودمختياري جي تحفظ ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي صلاحيت، عملي تياري ۽ قربانين کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ فيڪلٽي ۽ تربيت هيٺ آفيسرن کي خطاب ڪيو. وزيراعظم قومي خودمختياري جي تحفظ ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي صلاحيت، عملي تياري ۽ قربانين کي ساراهيو. هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي ملڪ جي دفاع لاءِ هٿياربند فوج جي اڻٿڪ عزم کي سلام پيش ڪيو. وزيراعظم معرڪه حق جو حوالو ڏيندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي تاريخي ڪاميابي کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن ڀارت جي اشتعال انگيز ۽ تڪبراڻي جارحيت جي مقابلي ۾ پاڪستان جي ذميواراڻي طرز عمل ۽ ڇڪتاڻ تي ضابطو رکڻ جي پاليسي کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي بالغ نظر، دانشمنداڻي ۽ منصفاڻي موقف کي عالمي برادري پڻ تسليم ڪيو. وزيراعظم هر قسم جي مهم جوئي جي خلاف پاڪستان جي پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو. وزيراعظم چيو ته آپريشن غضب الحق پوري قوت ۽ عزم سان جاري آهي ته جيئن افغان طالبان سان واڳيل دهشتگرد پراڪسيز کان معصوم شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي ۽ دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ معاونت فراهم ڪندڙ ڍانچن کي سخت سزا ڏئي سگهجي. هن ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي عوام جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. دوست ملڪن جي شاگرد آفيسرن جي موجودگي کي ساراهيندي وزيراعظم عسڪري سفارتڪاري ۽ گڏيلت عاون جي اهميت تي زور ڏنو ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر امن، استحڪام ۽ ترقي جي فروغ جي لاءِ پاڪستان پاران بطور نيٽ ريجنل اسٽيبلائزر کنيل قدمن کي اجاگر ڪيو. دفاع واري وفاقي وزير، گهرو معاملن واري وفاقي وزير ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير کانسواءِ بلوچستان جو وڏو وزير پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. ان کان اڳ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا پهچڻ تي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير وزيراعظم جي آجيان ڪئي.











