راولپنڊي- 19 مئي (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ عوام جي ڀرپور حمايت سان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ چيو آهي، ته پاڪستان جي ترقي کي پراڪسيز ۽ ناڪاري پروپيگنڊا ذريعي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪندڙ دشمن قوتون رياست جي مضبوطي ۽ عوام جي …
پاڪستان جي ترقي کي پراڪسيز ۽ ناڪاري پروپيگنڊا ذريعي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دشمن قوتون آخرڪار ناڪام ٿينديون: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير
راولپنڊي- 19 مئي (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ عوام جي ڀرپور حمايت سان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ چيو آهي، ته پاڪستان جي ترقي کي پراڪسيز ۽ ناڪاري پروپيگنڊا ذريعي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪندڙ دشمن قوتون رياست جي مضبوطي ۽ عوام جي اتحاد سبب آخرڪار ناڪام ٿينديون. اڱاري ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسزز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز (ملٽري) ڪوئٽه گيريزن جو دورو ڪيو. دوري دوران فيلڊ مارشل، ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئٽه ۾ تربيت حاصل ڪندڙ آفيسرن ۽ فيڪلٽي ميمبرن کي خطاب ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ هن ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئٽا جي اعليٰ تربيتي معيار، فڪري صلاحيت ۽ پيشيواراڻي مهارت جي تعريف ڪئي، جيڪا ان اداري جي نمايان سڃاڻپ آهي. هن اطمينان جو اظهار ڪيو ته ڪاليج مان تعليم حاصل ڪندڙ آفيسر پنهنجي غير معمولي ڪارڪردگي ۽ پيشيواراڻي لڳن ذريعي مسلسل نمايان خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن. چيف آف آرمي اسٽاف جديد جنگ جي تيزي سان بدلجندڙ انداز تي روشني وجهندي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز، ملٽي ڊومين آپريشنز، ٽنهي فوجن جي گڏيل شراڪتداري ۽ مستقبل جي جنگ جي ميدان جي چئلينجز کان باخبر رهڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پاڻ کي ۽ پنهنجي فوج کي مسلسل تربيت ڏين ته جيئن جنگ جي بدلجندڙ نوعيت جو اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪري سهگجي. جڏهن ته پيشيواراڻي مهارت، تياري ۽ آپريشنل برتري جي اعليٰ ترين معيار برقرار رکيا وڃن. بعد ۾ فيلڊ مارشل بلوچستان ۾ مقرر فارميشنز جي آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي. موجوده سيڪيورٽي صورتحال جي مختلف رخن تي روشني وجهندي هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج عوام جي ڀرپور حمايت سان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. فيلڊ مارشل زور ڀريو ته پاڪستان جي تقدير ۾ شامل ترقي کي پروپيگنڊا، ڪوڙين خبرن يا پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ذريعي روڪي نٿو سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي کي پراڪسيز ۽ ناڪاري پروپيگنڊه ذريعي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دشمن قوتون رياست جي مضبوطي ۽ عوام جي اتحاد سبب آخرڪار ناڪام ٿينديون. بلوچستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي اهميت کي اجاگر ڪندي فيلڊ مارشل چيو ته ترقي لاءِ عوام دوست پاليسي، جامع ترقي ۽ بهترين طرز حڪمراني اڻٽر آهي جيڪا سيڪيورٽي قدمن سان گڏوگڏ ٿيڻ گهرجي. هن بلوچستان حڪومت جي انهن ڪوششن جي تعريف ڪئي جيڪي عوامي ڀلائي، سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ رياست ۽ عوام وچ ۾ تعلق کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن. فيلڊ مارشل بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ رياست جي رِٽ برقرار رکڻ لاءِ آفيسرن ۽ جوانن جي بلند حوصلي، آپريشنل تياري ۽ پيشيواراڻي عزم جي به تعريف ڪئي. ان کان اڳ ڪوئٽا پهچڻ تي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جي آجيان ڪور ڪمانڊر ڪوئٽه ڪئي.











