اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان نيشنل ٽيليڪميونيڪيشن ڪارپوريشن جي مئينجنگ ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) علي فرحان ريلوي واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ريلوي ۾ جديد ٽيڪنالاجي، ڊجيٽل رابطاڪاري، ڪميونيڪيشن سسٽمز جي بهتري ۽ گڏيل تعاون جي مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ريلوي واري وزارت جي ميڊيا آفيس موجب وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ريلوي کي جديد گهرجن …
ريلوي واري وفاقي وزير سان نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان نيشنل ٽيليڪميونيڪيشن ڪارپوريشن جي مئينجنگ ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) علي فرحان ريلوي واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ريلوي ۾ جديد ٽيڪنالاجي، ڊجيٽل رابطاڪاري، ڪميونيڪيشن سسٽمز جي بهتري ۽ گڏيل تعاون جي مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ريلوي واري وزارت جي ميڊيا آفيس موجب وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ريلوي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ لاءِ اداره جاتي تعاون انتهائي اهميت رکي ٿو. ان موقعي تي ڊي جي اين ٽي سي ميجر جنرل (ر) علي فرحان پاڪستان ريلوي سان هر ممڪن ٽيڪنيڪي تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي ۽ ٻنهي پاران مستقبل ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.











