اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 67 هزار 600ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 70 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 37 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 37 هزار 300 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 مئي (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 67 هزار 600ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 70 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 37 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 37 هزار 300 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 17هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 17 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 38 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 17 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن بابت جاري ڪيل انگن اکرن موجب گڊو وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 62 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 60 هزار 200 ڪيوسڪ، سکر ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 54 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 18 هزار ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 11 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1449.41 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو0.994 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1164.70 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.328 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 644.20 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.118 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.










