گرين لينڊ جي خودمختياري تي آمريڪي دٻاءَ، ڳالهين ۾ اڳڀرائي جي دعويٰ

نوڪ-19 مئي (اي پي پي)گرين لينڊ جي حڪومت چيو آهي ته آمريڪا سان جاري اعليٰ سطحي ڳالهين ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي. جڏهن ته ٻيٽ جي وڪري يا الحاق جي ڪنهن به امڪان کي واضح طور رد ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه گرين لينڊ جي وزيراعظم جينس فريڊرڪ نيلسن آمريڪي خصوصي نمائندي سان ملاقات کان پوءِ ڪئي. گرين لينڊ جي وزيراعظم چيو ته سندس ترجيح اهڙو حل …

نوڪ-19 مئي (اي پي پي)گرين لينڊ جي حڪومت چيو آهي ته آمريڪا سان جاري اعليٰ سطحي ڳالهين ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي. جڏهن ته ٻيٽ جي وڪري يا الحاق جي ڪنهن به امڪان کي واضح طور رد ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه گرين لينڊ جي وزيراعظم جينس فريڊرڪ نيلسن آمريڪي خصوصي نمائندي سان ملاقات کان پوءِ ڪئي. گرين لينڊ جي وزيراعظم چيو ته سندس ترجيح اهڙو حل ڳولهڻ آهي جيڪو سمورين ڌرين لاءِ بهتر هجي. الحاق، قبضي يا خريداري جي ڪنهن به ڪوشش کي قبول نه ڪيو ويندو. رپورٽس موجب آمريڪي نمائندي چيو ته هو ان دوري دوران صورتحال کي سمجهڻ ۽ مقامي موقف ٻڌڻ آيا آهن سندن پاران فوري طور تي ڪا باضابطه بيان جاري ناهي ڪيو ويو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرپ گرين لينڊ کي آمريڪا جي ڪنٽرول ۾ وٺڻ يا خريد ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي جنهن تي ڊينمارڪ ۽ يورپي ملڪن ۾ ڳڻتي ٿي رهي آهي.

مزید خبریں