مسجد نبوي جو امام ۽ خطيب شيخ ڊاڪٽر علي الحذيفي 26  مئي تي مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ڏيندو

رياض - 19 مئي (اي پي پي) مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي جي مذهبي معاملن واري صدارت اعلان  ڪيو آهي، ته مسجد نبوي جو امام ۽ خطيب شيخ ڊاڪٽر علي الحذيفي 26 مئي تي مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ڏيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب شيخ علي بن عبدالرحمان بن علي الحذيفي کي سعودي عرب ۽ دنيا ۾ قرآن ڪريم جي سڀ کان مشهور قارين مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. هو مڪي …

رياض – 19 مئي (اي پي پي) مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي جي مذهبي معاملن واري صدارت اعلان  ڪيو آهي، ته مسجد نبوي جو امام ۽ خطيب شيخ ڊاڪٽر علي الحذيفي 26 مئي تي مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ڏيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب شيخ علي بن عبدالرحمان بن علي الحذيفي کي سعودي عرب ۽ دنيا ۾ قرآن ڪريم جي سڀ کان مشهور قارين مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. هو مڪي پاڪ ريجن جي قريه القرن  ۾ پهرين رجب 1366هجري ۾ پيدا ٿيو.  هو هڪ مشهور مذهبي خاندان تعلق رکندڙ آهي، سندس والد سعودي فوج جو امام ۽ خطيب هو. شيخ علي الحذيفي شروعاتي قرآني تعليم پنهنجي علائقي ۾ حاصل ڪئي.جنهن کان پوءِ رياض جي  يونيورسٽي  امام محمد بن سعود الاسلاميه جي شعبي شريعه مان 1392هجري ۾ تعليم مڪمل ڪئي. هو تفسير، توحيد. النحو والصرف ۽ خطاطي جي تعليم سان وابسته رهيو. سندس آواز ۾ قرآن جي رڪارڊنگ مملڪت ۽ پرڏيهه ۾ ريڊيو اسٽيشنز ۾ موجود آهي. هن قرا مان قرات جي سند حاصل ڪئي جن ۾ نمايان ترين شيخ احمد عبدالعزيز الزيات شامل آهي. بعد ۾ 1402  کان اڃا تائين مسجد نبوي جو امام ۽ خطيب آهي، هو  فهد قرآن ڪريم پرنٽنگ ڪامپليڪس ۾ قرآن پاڪ جي طباعت لاءِ مصحف رڪارڊنگ نگران ڪميٽي جو ميمبر، قرآن پاڪ جي طباعت جي سپريم ڪائونسل جو ميمبر به آهي.

مزید خبریں