هانگ ڪانگ _19 مئي (اي پي پي) ماٺي سمنڊ ۾ واقع وانواتو ٻيٽ ۾ گذريل ڏينهن 6.3 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو . پرڏيهي ميڊيا مطابق جرمن ريسرچ سينٽر فار جيو سائنسز ٻڌايو ته زلزلي جا لوڏا 2 لڳي 29 منٽن تي محسوس ڪيا ويا. اداري مطابق زلزلي جو مرڪز زمين جي سطح کان 10 ڪلوميٽرن جي اونهائي ۾ …
وانواتو ٻيٽ ۾ جي6.3 شدت جو زلزلو رڪارڊ
هانگ ڪانگ _19 مئي (اي پي پي) ماٺي سمنڊ ۾ واقع وانواتو ٻيٽ ۾ گذريل ڏينهن 6.3 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو . پرڏيهي ميڊيا مطابق جرمن ريسرچ سينٽر فار جيو سائنسز ٻڌايو ته زلزلي جا لوڏا 2 لڳي 29 منٽن تي محسوس ڪيا ويا. اداري مطابق زلزلي جو مرڪز زمين جي سطح کان 10 ڪلوميٽرن جي اونهائي ۾ هو جڏهن ته ان جو مرڪز اوڀر طرف زمين هيٺ هو. اڃان تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو فوري اطلاع ناهي مليو پر لاڳاپيل ادارا صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن.












