آمريڪا ڪينيڊا سان مستقل گڏيل دفاعي بورڊ ۾ شرڪت کي معطل ڪري ڇڏيو

واشنگٽن - 19 مئي (اي پي پي) آمريڪا ڪينيڊا سان مستقل گڏيل دفاعي بورڊ ۾ شرڪت کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيڊين افيئرز موجب آمريڪا جي انڊر سيڪريٽري  آف ڊفينس البريج ڪولبي گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته پينٽاگان ڪينيڊا سان مستقل گڏيل دفاعي بورڊ ۾ پنهنجي شرڪت کي رد ڪري ڇڏيو آهي جيڪو1940ع ۾ قائم ڪيو ويو هو.  هن چيو ته ڪينيڊا …

واشنگٽن – 19 مئي (اي پي پي) آمريڪا ڪينيڊا سان مستقل گڏيل دفاعي بورڊ ۾ شرڪت کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيڊين افيئرز موجب آمريڪا جي انڊر سيڪريٽري  آف ڊفينس البريج ڪولبي گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته پينٽاگان ڪينيڊا سان مستقل گڏيل دفاعي بورڊ ۾ پنهنجي شرڪت کي رد ڪري ڇڏيو آهي جيڪو1940ع ۾ قائم ڪيو ويو هو.  هن چيو ته ڪينيڊا پنهنجي فوجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن ڪينيڊين وزيراعظم مارڪ ڪارني تي تنقيد  ڪندي چيو ته هاڻي اسان بيانن ۽ حقيقت وچ ۾ فرق کي وڌيڪ نظر انداز نٿا ڪري سگهون.

مزید خبریں