پاڪستان، ترڪيه، بنگلاديش، برازيل، ڪولمبيا، انڊونيشيا، اردن، ليبيا، مالديپ ۽ اسپين جي پرڏيهي وزيرن پاران گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيلي حملن جي مذمت

اسلام آباد - 19 مئي (اي پي پي) پاڪستان، ترڪيه، بنگلاديش، برازيل، ڪولمبيا، انڊونيشيا، اردن، ليبيا، مالديپ ۽ اسپين جي پرڏيهي وزيرن گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيل جي تازن حملن جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزيرن پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو ته گلوبل صمود فلوٽيلا هڪ پرامن شهري انساني قدم آهي جنهن جو مقصد عالمي سطح تي مظلوم فلسطيني عوام طرف ڌيان ڇڪرائڻ …

اسلام آباد – 19 مئي (اي پي پي) پاڪستان، ترڪيه، بنگلاديش، برازيل، ڪولمبيا، انڊونيشيا، اردن، ليبيا، مالديپ ۽ اسپين جي پرڏيهي وزيرن گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيل جي تازن حملن جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزيرن پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو ته گلوبل صمود فلوٽيلا هڪ پرامن شهري انساني قدم آهي جنهن جو مقصد عالمي سطح تي مظلوم فلسطيني عوام طرف ڌيان ڇڪرائڻ آهي. پرڏيهي وزيرن عالمي پاڻين ۾ گذريل فلوٽيلاز جي خلاف اسرائيلي مداخلتن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سويلين جهازن ۽ انساني همدرديءَ جي ڪارڪنن کي نشانو بڻائيندڙ جارحاڻي ڪاررواين جي تسلسل جي مذمت ڪئي. هن چيو ته اهڙي نوعيت جا حملا جن ۾ جهازن تي حملا ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون شامل آهن، عالمي قانون ۽ عالمي انساني قانون جي کليل خلاف ورزي آهن. گڏيل بيان موجب پرڏيهي وزيرن فلوٽيلا جي سويلين شرڪت ڪندڙن جي حفاظت ۽ سلامتي جي حوالي سان شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سمورن حراست هيٺ ڪارڪنن جي فوري آزادي سان گڏوگڏ انهن جي حقن ۽ وقار جو مڪمل احترام ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. پرڏيهي وزيرن چيو ته پرامن انساني قدمن جي خلاف بار بار حملا عالمي قانون ۽ جهاز راني جي آزادي جي مسلسل نظراندازي جي عڪاسي ڪن ٿا. هنن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها پنهنجي قانوني ۽ اخلاقي ذميواري پوري ڪري، شهرين ۽ انساني مشنز جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ انهن خلاف ورزين جي خاتمي ۽ ذميوارن جي احتساب جي لاءِ ٺوس قدم کڻي.