بيجنگ - 19 مئي (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي، ته روس چين شراڪتداري ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چين جي سرڪاري دوري کان اڳ پنهنجي وڊيو خطاب ۾ چيو ته روس چاهي ٿو ته روس ۽ چين جي عوام وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ ويجها هجن ۽ ٻئي قومون هڪ ٻئي کي بهتر طور سمجهي …
روس-چين شراڪتداري ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪيو ويندو: روس جو صدر
بيجنگ – 19 مئي (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي، ته روس چين شراڪتداري ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چين جي سرڪاري دوري کان اڳ پنهنجي وڊيو خطاب ۾ چيو ته روس چاهي ٿو ته روس ۽ چين جي عوام وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ ويجها هجن ۽ ٻئي قومون هڪ ٻئي کي بهتر طور سمجهي سگهن. پيوٽن چيو ته روس ۽ چين گڏيل شراڪتداري ۽ پاڙيسري دوستي وارن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ گڏيل طور تي هر ممڪن ڪوشش جاري رکندا ته جيئن ٻنهي ملڪن جي خوشحالي کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو پهچي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. تجزيو ڪندڙن موجب پيچيده ۽ غير يقيني عالمي صورتحال باوجود چين ۽ روس وچ ۾ جامع اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل شراڪتداري اعليٰ سطح تي برقرار آهي. چين ۽ روس جي اعليٰ قيادت وچ ۾ ٿيندڙ ان تازي ملاقات سان ايندڙ مرحلي ۾ ٻه طرفه لاڳاپن ۽ عملي تعاون لاءِ اسٽريٽجڪ منصوبابندي ۽ اعليٰ سطحي رهنمائي فرا هم ڪئي ويندي. جيئن جيئن عالمي صورتحال وڌيڪ غير مستحڪم ٿي رهي آهي تيئن ئي چين ۽ روس جي لاڳاپن کي پختگي ۽ استحڪام جي خاصيت وڌيڪ نمايان ٿي رهي آهي، جڏهن ته اسٽريٽجڪ تعاون ۽ شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت پڻ اڳ کان وڌيڪ اهم ٿي رهي آهي.












