فلسطيني حج پانڌيئڙن جو پهريون قافلو مڪي مڪرمه پهچي ويو

مڪه مڪرمه - 19 مئي (اي پي پي) فلسطيني حج پانڌيئڙن جو پهريون قافلو  مڪي شريف پهچي ويو جنهن ۾ اٽڪل 1200 حج پانڌيئڙا شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب  هلندڙ سال اٽڪل 6600 فلسطيني حج پانڌيئڙا  حج جي سعادت حاصل ڪندا جن ۾ مصر  ۾ موجود غزه پٽي جا اٽڪل 700 حج پانڌيئڙا  به شامل آهن. فلسطيني مذهبي ۽ اوقاف معاملن واري وزارت  جي انڊر سيڪريٽري ۽ حج عمره ڪميٽي …

مڪه مڪرمه – 19 مئي (اي پي پي) فلسطيني حج پانڌيئڙن جو پهريون قافلو  مڪي شريف پهچي ويو جنهن ۾ اٽڪل 1200 حج پانڌيئڙا شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب  هلندڙ سال اٽڪل 6600 فلسطيني حج پانڌيئڙا  حج جي سعادت حاصل ڪندا جن ۾ مصر  ۾ موجود غزه پٽي جا اٽڪل 700 حج پانڌيئڙا  به شامل آهن. فلسطيني مذهبي ۽ اوقاف معاملن واري وزارت  جي انڊر سيڪريٽري ۽ حج عمره ڪميٽي جي سربراهه عصام عبدالحليم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان جي حڪومت پاران  حج ۽ عمري واري وزارت ۽ حج جي نظام ۾ شامل سمورن لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان فلسطيني حج پانڌيئڙن  جي آمد کي آسان بڻائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جي تعريف ڪئي.  هن مڪي مڪرمه  ۽ مقدس ماڳن ۾ حج پانڌيئڙن کي فراهم ٿيندڙ  خدمتن جي به تعريف ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مملڪت پاران حج پانڌيئڙن لاءِ ڪيل انتظام ان ڳالهه جي عڪاسي آهن ته هن جي قيادت ۾ حاجي سڳورن (الله جي مهمانن) جو ڪيترو وڌيڪ خيال ۽ سار سنڀال ڪري ٿي. هن چيو ته مملڪت خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي هدايت تي عمل ڪندي ۽ ولي عهد  شهزاده محمد بن سلمان جي حمايت ۽ نگراني ۾ سمورا وسيلا فراهم ڪيا آهن جنهن سان حج پانڌيئڙن خاص ڪري فلسطيني حج پانڌيئڙن کي مربوط خدمتن جي فراهمي ممڪن ٿي. هن چيو ته اسان پنهنجي آمد جي وقت کان ئي سعودي   عوام پاران بهترين آجيان ۽ مهمان نوازي محسوس ڪئي. فلسطيني حج پانڌيئڙن جي معاملن واري آفيس ۽ خدمتون فراهم ڪندڙ ادارن وچ ۾ اعليٰ سطح جو تعاون ۽ هم آهنگي به ڏٺي آهي.

مزید خبریں