چين سيشلز سان گڏجي گڏيل ترقي کي هٿي وٺائڻ لاءِ تيار آهي: چين جو پرڏيهي وزير

بيجنگ - 19 مئي (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي چيو آهي، ته چين سيشلز سان گڏجي گڏيل ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي بيجنگ ۾ سيشلز جي پرڏيهي وزير بيري فاور سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وانگ اي چيو ته هن سال چين ۽ سيشلز وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 50هين سالگره آهي. …

بيجنگ – 19 مئي (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي چيو آهي، ته چين سيشلز سان گڏجي گڏيل ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي بيجنگ ۾ سيشلز جي پرڏيهي وزير بيري فاور سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وانگ اي چيو ته هن سال چين ۽ سيشلز وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 50هين سالگره آهي. چين ان موقعي کي بنياد بڻائيندي ڊجيٽل معيشت، سامونڊي معيشت، ٻيٽن جي معيشت ۽ سبز معيشت جي شعبن ۾ سيشلز سان تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي اعليٰ سطح تائين وڌائڻ لاءِ تيار آهي.  وانگ اي چيو ته تازو ئي سيشلز حڪومت ڪيترن ئي دوست ملڪن جي حڪومتن سان گڏجي .تائيوان جي عليحدگي پسند“  قوتن جي نمائندي لائي ڇنگ ڊي جي پرڏيهه سفر لاءِ اڏام وارو اجازت نامو  رد ڪيو هو ۽ هڪ چين جي اصول تي  پنهنجي چٽي موقف جو مضبوط اظهار ڪيو جنهن کي چين تمام گهڻو  قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.  ان موقعي تي سيلشز جي پرڏيهي وزير بيري فاور  چيو ته سيشلز ۽ چين سچا دوست آهن. 50 سال اڳ سفارتي لاڳاپن جي قيام کان پوءِ چين هميشه سيشلز کي برابر جو درجو ڏنو آهي.  سيشلز جي معاشي ۽ سماجي ترقي م اهم مدد فراهم  ڪئي آهي.  هن چيو ته سيشلز، چين جي صدر شي جن پنگ جي تجويز ڪيل 4 گلوبل انيشيئيٽوز جي حمايت ڪري ٿو ۽ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 50هين سالگره جي موقعي مان فائدو کڻي چين سان ويجها اعليٰ سطحي مٽاسٽا ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

مزید خبریں