بيروت _19 مئي (اي پي پي) لبنان جي صحت واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته مارچ جي شروعات کان حزب الله سان ويڙهه دوران اسرائيلي حملن سبب ملڪ ۾ شهيد ٿي ويلن جو انگ 3 هزار کان وڌي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت مارجي ويلن جو انگ 3،020 ٻڌايو آهي ، جنگ بندي باوجود فوتگين جي انگ ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو ويو آهي . لبنان جي صحت …
لبنان ۾ اسرائيلي حملن سبب شهيد ٿي ويلن جو انگ 3000 کان وڌي ويو
بيروت _19 مئي (اي پي پي) لبنان جي صحت واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته مارچ جي شروعات کان حزب الله سان ويڙهه دوران اسرائيلي حملن سبب ملڪ ۾ شهيد ٿي ويلن جو انگ 3 هزار کان وڌي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزارت مارجي ويلن جو انگ 3،020 ٻڌايو آهي ، جنگ بندي باوجود فوتگين جي انگ ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو ويو آهي . لبنان جي صحت واري وزارت مطابق 17 اپريل تي جنگ بندي شروع ٿيڻ بعد کان هيستائين 400 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن . اهو انگ ٻنهي پاسي کان هر ڀيري ڀڃڪڙين سبب وڌي رهيو آهي . جنگ بندي معاهدي باوجود فوتگين جي انگ ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي . لبنان ۽ اسرائيل جمعي ڏينهن تي جنگ بندي ۾ وڌيڪ 45 ڏينهن واڌ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته ڳالهيون جي شروعات ۾ ٻيهر متوقع آهي.












