رياض _ 19 مئي (اي پي پي)ڪنگ عبدالعزيز سٽي فار سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي سان تعلق رکندڙ سعودي عرب جي تحقيق ڪندڙن ڪلين ۽ پائيداري حل ۾ خدمت سبب اهم انٽر نيشنل انوويشن ايوارڊ کٽي ورتو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊاڪٽر ماجد العواد ڪاڪسٽ ۾ جوائنٽ سينٽر آف ايڪسيلينس فار نينو مٽيريلز فار ڪلين انرجي ايپليڪيشنز ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تي ڪم ڪندو آهي. کيس گلوبل انوويشن انسٽيٽيوٽ طرفان ڊسٽنگئشڊ …
ڪلين انرجي ۾ خدمتن تي سعودي عرب جي سائنسدانن گلوبل انوويشن ايوارڊ کٽي ورتو
رياض _ 19 مئي (اي پي پي)ڪنگ عبدالعزيز سٽي فار سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي سان تعلق رکندڙ سعودي عرب جي تحقيق ڪندڙن ڪلين ۽ پائيداري حل ۾ خدمت سبب اهم انٽر نيشنل انوويشن ايوارڊ کٽي ورتو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊاڪٽر ماجد العواد ڪاڪسٽ ۾ جوائنٽ سينٽر آف ايڪسيلينس فار نينو مٽيريلز فار ڪلين انرجي ايپليڪيشنز ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تي ڪم ڪندو آهي. کيس گلوبل انوويشن انسٽيٽيوٽ طرفان ڊسٽنگئشڊ انوويٽر ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي. اهو ايوارڊ معاشري لاءِ فائديمند ايجادن جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو آهي . اهو ايوارڊ انوويشن جي ميدان ۾ دنيا جو معتبر ترين اعزازن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي . 2025ع جي ايڊيشن لاءِ 26 ملڪن مان 1476 اميدوارن حصو ورتو جن مان 10 ڪيٽگرين ۾ 100 فاتحن کي سليڪٽ ڪيو ويو آهي جڏهن ته 30 اميدوارن کي ڊسٽنگئشڊ انوويٽر ڪيٽگري ۾ شامل ڪيو ويو. کيس ماحولياتي ٽيڪنالاجي ۽ جديد مٽيريل ريسرچ ۾ ڪيترن ئي قدمن جي اعتراف ۾ ايوارڊ ڏنو ويو آهي.












