اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب تي ڊرون حملن جي شديد مذمت ڪندي پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پاڪستان حڪومت 17 مئي 2026ع تي ڀائر ملڪ سعودي عرب جي خلاف ڪيل ڊرون حملن جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ان نوعيت جا حملا ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي سنگين خلاف ورزي آهن ۽ بظاهر خطي جي امن ۽ …
پاڪستان پاران سعودي عرب تي ڊرون حملن جي شديد مذمت، پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب تي ڊرون حملن جي شديد مذمت ڪندي پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پاڪستان حڪومت 17 مئي 2026ع تي ڀائر ملڪ سعودي عرب جي خلاف ڪيل ڊرون حملن جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ان نوعيت جا حملا ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي سنگين خلاف ورزي آهن ۽ بظاهر خطي جي امن ۽ استحڪام کي وڌيڪ نقصان پهچائڻ جي ڪوشش معلوم ٿين ٿا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام هن نازڪ وقت ۾ سعودي عرب جي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا ۽ ملڪ جي سلامتي، امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي مڪمل ۽ اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪن ٿا.











