راولپنڊي اسلام آباد ۾ لوڪل ٽرين هلائڻ جو منصوبو غور هيٺ آهي، اسلام آباد جي شهرين لاءِ نوان ۽ سستي روٽس متعارف ڪرائينداسين: طلال چوڌري

اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته راولپنڊي اسلام آباد ۾ لوڪل ٽرين هلائڻ جو منصوبو غور هيٺ آهي، اسلام آباد جي شهرين لاءِ نوان ۽ سستا روٽس متعارف ڪرائينداسين. قومي سيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته پاڪستان جي پرڏيهي ملڪن ۾ غير قانوني طور تي ويندڙن جي انگ ۾ 47 سيڪڙو گهٽتائي …

اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته راولپنڊي اسلام آباد ۾ لوڪل ٽرين هلائڻ جو منصوبو غور هيٺ آهي، اسلام آباد جي شهرين لاءِ نوان ۽ سستا روٽس متعارف ڪرائينداسين. قومي سيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته پاڪستان جي پرڏيهي ملڪن ۾ غير قانوني طور تي ويندڙن جي انگ ۾ 47 سيڪڙو گهٽتائي آهي. وزيراعظم هن وقت غير قانوني هجرت ڪندڙن لاءِ مڪمل طور تي فعال آهي. اسلام آباد جي گرين ايرياز تي مختلف ادارن جي قبضي جي حوالي سان شير افضل مروت جي سوال جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته سي ڊي اي 34 ڪيسن تي اجازت ناما ڏنا آهن، هن چيو ته حڪومت اهي سمورا اجازت ناما رد ڪيا، 1032 گهرن کي نوٽيس ڏنا ويا آهن، 184 اڏاوتن کي هٽايو ويو آهي، 1100 ايڪڙ جون تجويزون ختم ڪيون ويون آهن. طلال چوڌري ايوان کي ٻُڌايو ته دهشتگرديءَ سبب ڪيتريون ئي آفيسون بند ڪيون ويون، في الحال ڊيٽا ناهي. بلوچستان ۾ نادرا جي آفيس بابت تفصيل فراهم ڪيا ويندا.