وزيراعظم شهباز شريف سان اي آءِ آءِ بي جي صدر زوجيايي جي اعلى سطحي وفد سان گڏ ملاقات، ڊگهي مدي واري حصيداري جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جهڙن گهڻ رخي مالياتي ادارن سان حصيداري اقتصادي استحڪام ۽ ڊگهي مدي واري ترقي جي لاءِ جاري پاليسي سڌارن ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي فروغ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ (اي آءِ آءِ …

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جهڙن گهڻ رخي مالياتي ادارن سان حصيداري اقتصادي استحڪام ۽ ڊگهي مدي واري ترقي جي لاءِ جاري پاليسي سڌارن ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي فروغ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ (اي آءِ آءِ بي) جي صدر زوجيايي هڪ اعلى سطحي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڊگهي مدي واري حصيداري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. وزيراعظم اي آءِ آءِ بي جي صدر کي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي مشاورتي دوري جي سلسلي ۾ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اچڻ تي ڀليڪار ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان بئنڪ جي باني ميمبرن ۾ شامل هجڻ جي ناطي بئنڪ سان پنهنجي حصيداري کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اي آءِ آءِ بي جي مسلسل معاونت کي ساراهيو. وزيراعظم پائيدار ۽ جامع ا قتصادي ترقي جي لاءِ حڪومت جي ترجيحن جو ذڪر ڪيو. هن اي آءِ آءِ بي سان مستقبل جي تعاون جي اهم شعبن جي نشاندهي ڪندي ريلوي، زراعت ۽ زرعي صنعت، علائقائي رابطن، قابل تجديد ۽ مقامي توانائي جي وسيلن جڏهن ته نوجوانن جي آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ شموليت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم اقتصادي استحڪام ۽ ڊگهي مدي واري ترقي جي لاءِ جاري پاليسي سڌارن ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي فروغ جي لاءِ کنيل قدمن جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته اي آءِ آءِ بي جهڙن ناليوارن گهڻ رخي مالياتي ادارن سان حصيداري انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته اعلى سطحي وفد جو هي دورو پاڪستان ۽ اي آءِ آءِ بي جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي صدر پاڪستان حڪومت ۽ عوام پاران وفد جي ڀرپور ميزباني تي ٿورا ادا ڪيا. هن بئنڪ قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي اداري جي شروعاتي مرحلي ۾ پاڪستان جي قيادت خاص طور تي ان وقت جي ناڻي واري وزير ۽ وزيراعظم پاران فراهم ڪيل حمايت ۽ خدمتن کي ساراهيو. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت کي ساراهيندي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سندس مضبوط عزم کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو. ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هن چيو ته بئنڪ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ شعبن ۾ منظم انداز ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿي. زوجيايي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اي آءِ آءِ بي پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿي جن ۾ ريلوي، رستن جي انفراسٽرڪچر جي ترقي، علائقائي ۽ سرحد پار رابطن، آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت، ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر ۽ شهري ۽ ڳوٺاڻي ترقي شامل آهي. ملاقات ۾ پائيدار ترقي، علائقائي انضمام ۽ اقتصادي واڌويجهه جي فروغ جي لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ ويجهي حصيداري عمل جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري، ريلوي وارو وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، ناڻي ۽ ريلوي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ ٻيا اعلى حڪومتي عملدار پڻ موجود هئا.