وزيراعظم شهباز شريف پاران جي سي سي ملڪن ۾ مقرر سفيرن کي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ نار تعاون ڪائونسل جي ملڪن ۽ ايران جي تاريخي، اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ اهميت تي زور ڏيندي جي سي سي ملڪن ۾ مقرر سفيرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم آفيس …

اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ نار تعاون ڪائونسل جي ملڪن ۽ ايران جي تاريخي، اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ اهميت تي زور ڏيندي جي سي سي ملڪن ۾ مقرر سفيرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۽ نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) ملڪن ۾ مقرر پاڪستان جي سفيرن سان هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر سيد توقير شاهه، خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سفيرن وزيراعظم کي پنهنجي پنهنجي ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده صورتحال، اڀرندڙ موقعن ۽ درپيش چئلينجز کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي اقتصادي سفارتڪاري کي وڌيڪ موثر بڻائڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين بابت معاملن تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ نار تعاون ڪائونسل جي ملڪن ۽  ايران جي تاريخي، اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ اهميت تي زور ڏنو. هن سفيرن کي هدايت ڪئي ته اهي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن ۾ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ اقتصادي تعاون جي فروغ تي ڌيان ڏنو ويو.