اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حڪومت جي مضبوط اقتصادي سڌاراجاتي ايجنڊا ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين جي عزم کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته حڪومت تيز رفتار معاشي ترقي ۽ ڊيجيٽل تبديلي جي ويزن تي عمل پيرا آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار فريڊم هولڊنگ ڪارپوريشن جي باني، چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر تيمور تورلوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس …
حڪومت تيز رفتار معاشي ترقي ۽ ڊيجيٽل تبديلي جي ويزن تي عمل پيرا آهي: وزيراعظم شهباز شريف جي فريڊم هولڊنگ ڪارپوريشن جي باني تيمور تورلوف سان ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حڪومت جي مضبوط اقتصادي سڌاراجاتي ايجنڊا ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين جي عزم کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته حڪومت تيز رفتار معاشي ترقي ۽ ڊيجيٽل تبديلي جي ويزن تي عمل پيرا آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار فريڊم هولڊنگ ڪارپوريشن جي باني، چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر تيمور تورلوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي، صنعت ۽ پيداوار وارو خاص معاون هارون اختر ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف تيمور تورلوف کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توقايوف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ بشمول فريڊم گروپ جي شاخن جي قيام، ڊيجيٽل مالياتي خدمتن ۽ ڪورسپانڊنٽ بئنڪاري حصيدارين ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪرڻ تي تورلوف جا ٿورا ادا ڪيا. وزيراعظم حڪومت جي مضبوط اقتصادي سڌاراجاتي ايجنڊا ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين جي عزم کي اجاگر ڪندي چيو ته حڪومت تيز رفتار معاشي ترقي ۽ ڊيجيٽل تبديلي جي ويزن تي عمل پيرا آهي. وزيراعظم پاڪستان جي نوجوان آبادي ۽ ملڪ ۾ تيزي سان پکڙجندڙ ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جو حوالو ڏيندي فريڊم هولڊنگ ڪارپوريشن کي پاڪستان جي مالياتي منڊين جي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي طرفن پاران ريٽيل بروڪريج، اسلامي بئنڪاري، فنٽيڪ جدت ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ جي ترقي جهڙن شعبن ۾ ممڪن تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. تيمور تورلوف پاڪستان جي اقتصادي مستقبل تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته سندس ڪمپني پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن سان هم آهنگ ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ سيڙپڪاري جي موقعن جو سنجيدگي سان جائزو وٺي رهي آهي.











