اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اطلاعات واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت جي وچ ۾ ٽه ماهي ريليز جو مڪينزم طئي ٿيل آهي، اطلاعات واري وزارت جا اڪثر فنڊز پروڪيورمنٽ بابت هوندا آهن، ڊيجيٽل ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ جي جدت سميت پي ايس ڊي پي منصوبا جاري آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي …
اطلاعات واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت جي وچ ۾ ٽه ماهي ريليز جو مڪينزم طئي ٿيل آهي، ڊيجيٽل ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ جي جدت سميت پي ايس ڊي پي منصوبا جاري آهن: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اطلاعات واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت جي وچ ۾ ٽه ماهي ريليز جو مڪينزم طئي ٿيل آهي، اطلاعات واري وزارت جا اڪثر فنڊز پروڪيورمنٽ بابت هوندا آهن، ڊيجيٽل ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ جي جدت سميت پي ايس ڊي پي منصوبا جاري آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر شرميلا فاروقي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شرميلا فاروقي سدائين عوامي اهميت جي ايشوز کي اجاگر ڪندي آهي. وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت جي وچ ۾ ٽه ماهي ريليز جو باقاعده نظام طئي ٿيل آهي جنهن تحت هر ٽه ماهي ۾ فنڊز جاري ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته ڪجهه ادائيگيون ون ٽائيم هونديون آهن، ان جي لاءِ پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت ايندڙ منصوبن جي لاءِ گهربل فنڊز انهي مناسبت سان فراهم ڪيا وڃن ٿا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ناڻي واري وزارت پاران ڀرپور تعاون ڪيو وڃي ٿو، ڪميوٽيشن ۽ پينشن جي خرچن جي لاءِ پڻ وقت سر فنڊز جاري ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته معزز ميمبر صحيح نشاندهي ڪئي آهي ڇو ته ڪجهه وقتن تي ريليز ضرورت موجب هم آهنگ ناهي هوندي. هن چيو ته وزارت جي ڪوشش هوندي ته ٽه ماهي بنيادن تي جاري ٿيندڙ سمورا فنڊز مڪمل طور تي استعمال ۾ آندا وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آخري ڏينهن ۾ “ايڪسس رينڊرز” پڻ موصول ٿيندا آهن، اسان جي ڪوشش هوندي ته انهن کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آندو وڃي. هڪ ٻئي ضمني سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت يونيورسٽين سان رابطا وڌيڪ مستحڪم ڪيا آهن، مختلف شعبن ۾ وزارت ۽ تعليمي ادارن جي وچ ۾ موثر نيٽ ورڪنگ کي فروغ ڏنو ويندو ته جيئن پاليسي معاملن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت وقت بوقت يونيورسٽين سان رابطو ۽ مشاورت جاري رکي سگهجي. هن چيو ته ان عمل کي وڌيڪ اڳتي وڌايو پيو وڃي ۽ ڪوشش آهي ته جديد رجحانن کي پڻ ان نظام جو حصو بڻايو وڃي. هن چيو ته اسيمبلي ميمبرن پاران پيش ڪئي ويندڙ تجويزن تي پڻ عملدرآمد ڪيو ويندو.











