اقتصادي ترقيءَ لاءِ ڀائيوارن سان صلاح مشورا پاليسي سازيءَ جو اهم حصو رهندا: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڪاروباري برادري سان مسلسل رابطن جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته اقتصادي ترقي، روانگي واپار، صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ ڀائيوارن سان صلاح مشورا پاليسي سازيءَ جو اهم حصو رهندا. هن اها ڳالهه فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ملاقات ۾ چئي، …

اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڪاروباري برادري سان مسلسل رابطن جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته اقتصادي ترقي، روانگي واپار، صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ ڀائيوارن سان صلاح مشورا پاليسي سازيءَ جو اهم حصو رهندا. هن اها ڳالهه فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ملاقات ۾ چئي، جنهن جي قيادت ايف پي سي سي آءِ جو صدر عاطف اڪرام شيخ ڪري رهيو هو، اجلاس دوران ناڻي واري وزير ايف پي سي سي آءِ جي ڪردار کي ڪاروباري برادريءَ جي نمائنده تنظيم طور تي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اقتصادي ۽ مالياتي پاليسين کي عملي، ترقيءَ تي ٻَڌل ۽ ڪاروبار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي سرگرمين لاءِ معاون بنائڻ لاءِ صنعت سان واڳيل ڀائيوارن سان مسلسل رابطا ضروري آهي. ناڻي واري وزير حڪومت جي تمام وڏي اقتصادي ترجيحن جو ذڪر ڪيو جنهن جو مقصد ڪُلي معيشت جي استحڪام کي برقرار رکڻ، سيڙپڪاريءَ جي ماحول کي بهتر بنائڻ، روانگي واپار تي ٻَڌل اؤسر، صنعتي توسيع کي هٿي وٺرائڻ ۽ معيشت جي اهم شعبن ۾ چٽاڀيٽي وڌائڻ آهي. هن اقتصادي دستاويزي سازيءَ کي مضبوط بنائڻ، ٽيڪس نظام کي جديد رُخن تي آڻڻ، ڊجيٽلائزيشن ۽ آٽوميشن کي هٿي ڏيڻ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن ۽ ڪاروباري ادارن جي سهولت لاءِ ضابطه جاتي طريقيڪار کي آسان بنائڻ جي جاري قدمن تي روشني وڌي. ڳالهين جو مرڪزي نُڪتو آئينده مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي روشنيءَ ۾ مختلف تجويزن ۽ ٽيڪس بابت سفارشون هو، جنهن ۾ سيلز ٽيڪس، ڪسٽمز ڊيوٽيز، روانگي واپار سهولت اسڪيمون، صنعتي ڪچو مال ۽ ريگيوليٽري طريقيڪار بابت معاملا شامل هئا. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت هڪ اڳڪٿي جوڳي، شفاف ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل ٽيڪس نظام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. گڏوگڏ اثرائتو روينيو گڏ ڪرڻ ۽ ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ جا هدف به حاصل ڪيا پيا وڃن. ايف پي سي سي آءِ جي وفد صنعتي ڪچي مال، مشينري جي آمدني واپار، روانگي واپار ۾ چٽاڀيٽي، ريفنڊز جي تيز ادائگي، ٽيڪس طرقيڪار ۾ سادگي ۽ تعميل جي خرچن ۾ گهٽتائيءَ بابت شعبه جاتي تجويزون پيش ڪيون. شرڪت ڪندڙن ٽيڪسٽائل، اسٽيل، کاڄرو تيل، پلاسٽڪس، ڪيميڪلز ۽ ڪاٽن جننگ سميت مختلف صنعتي شعبن جي حوالي سان به راين جي مٽاسٽا ڪئي. واپار ۾ سهولت، مارڪيٽ جي چٽاڀيٽي، دستاويزي معيشت، ڪسٽمز انتظاميه ۽ ريگيوليٽري هم آهنگي بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن شفافيت ۾ بهتري، لاڳو ڪرڻ جي صلاحيت کي مضبوط بنائڻ ۽ دستاويزي معيشت ۾ ڪم ڪندڙ جائز ڪاروبارن لاءِ هڪ جهڙا موقعا يقيني بنائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير ٽيڪس انتظاميه ۽ روينيو وصوليءَ جي نظام ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل سڌارن تي حڪومت جو ڌيان ورجائيندي چيو ته آٽوميشن، ڊجيٽل انوائسنگ، ڊيٽا انٽيگريشن ۽ طرقيڪار ۾ سادگيءَ بابت قدم جاري آهن ته جيئن شفافيت ۾ واڌ ٿئي، غير ضروري انساني مداخلت گهٽ ٿئي، تعميل بهتر ٿئي ۽ حقيقي ڪاروبارن کي سهولت ملي. هن وڌيڪ چيو ته ڊجيٽل تبديلي ۽ ڊيٽا تي ٻَڌل گورننس حڪومت جي تمام وسيع سڌارن واري ايجنڊا جا مرڪزي ٿنڀ آهن. شرڪت ڪندڙن روانگي واپار ۾ سهولتڪار جي طريقيڪار، صنعتي پيداواري صلاحيت ۽ علائقائي ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ پاڪستان جي چِٽاڀيٽي بهتر بنائڻ وارن قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڳالهين ۾ ويليو ايڊڊ شعبن جي حمايت، روانگي واپاري اسڪيمن جي وقت سر لاڳو ڪرڻ، ڪچي مال ۽ پيداواري وسيلن تائين بهتر پهچ ۽ ڊگهي مُدي واري صنعتي ترقي ۽ روانگي واپاري جدت کي هٿي وٺرائڻ جهڙا معاملا به شامل هئا. اجلاس ۾ پاليسي جي تسلسل، اداره جاتي هم آهنگي ۽ حڪومت ۽ نجي شعبي وچ ۾ باقاعده صلاح مشوري جي اهميت تي ڳالهيون ٿيون. شرڪت ڪندڙن عملدرآمد بابت معاملن، انتظامي ڪارڪردگي ۽ مختلف شعبن ۾ ڪاروباري ۽ صنعتي سرگرمين جي سهولت بابت قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير، ايف پي سي سي آءِ وفد جي تجويزن ۽ سفارشن کي ساراهيندي چيو ته انهن جي راين کي بجيٽ سازيءَ جي جاري عمل ۾ غور سان ڏٺو ويندو. هن ڪاروباري برادريءَ سان مسلسل رابطن جي حڪومتي عزم کي ورجائيندي چيو ته ڌُرين سان مشاورت، پاليسي سازي جو اهم حصو رهندي ته جيئن اقتصادي ترقي، روانگي واپار، صنعتي ترقي، سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائي سگهجي. ٻنهي طرفان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته حڪومت ۽ صنعت سان واڳيل ڌُرين وچ ۾ مسلسل سهڪار، اقتصادي سڌارا، دستاويزي معيشت کي هٿي وٺرائڻ، چٽاڀيٽيءَ ۾ بهتري ۽ روانگي واپاري بنيادن تي ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهي. وفد ۾ ايف پي سي سي آءِ جو سينيئر نائب صدر ثاقب فياض مگون، نائب صدر امان پريچا، آصف سخي، ذڪي اعجاز، طارق جدون، شام لال منگلاڻي (چيئرمين ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن)، عمر ريحان (چيئرمين پاڪستان بناسپتي مينيوفيڪچررز ايسيوسيئيشن)، غضنفر بلور (اڳوڻو صدر ايف پي سي سي آءِ) کان علاوه ايف پي سي سي آءِ جو ميمبر دانش سليم موجود هئا.