انڊونيشيا ۾ قبائلي چڪرين ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا، 19 زخمي

جڪارتا -18 مئي (اي پي پي) انڊونيشيا جي صوبا ئي گادي واري هنڌ جايا وجايا جي علائقي ومينا ۾ قبائلي چڪرين ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا ۽ 19 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب جايا وجايا پوليس ترجمان آفندي الحسيني گذريل ڏينهن ٻڌايو ته انگن اکرن موجب قبائلي چڪرين ۾ 13 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون جڏهن ته زخمين مان 3 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ باقي ماڻهن کي معمولي زخم …

جڪارتا -18 مئي (اي پي پي) انڊونيشيا جي صوبا ئي گادي واري هنڌ جايا وجايا جي علائقي ومينا ۾ قبائلي چڪرين ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا ۽ 19 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب جايا وجايا پوليس ترجمان آفندي الحسيني گذريل ڏينهن ٻڌايو ته انگن اکرن موجب قبائلي چڪرين ۾ 13 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون جڏهن ته زخمين مان 3 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ باقي ماڻهن کي معمولي زخم پهتا آهن. پوليس رپورٽن موجب چڪريون پيريم ۽ ڪوريما سان تعلق رکندڙ مخالف قبائلي گروپن وچ ۾ ٿيون. تشدد جي شروعات خميس کان ضلعي دوما ۾ ٿي جنهن کان پوءِ جمعي تائين جايا وجايا جي ٻين علائقن ۾ پکڙجي ويون. پاپوا پوليس جي سربراهه پيٽريج رينويرن موجب اهو تڪرار 2024ع  ۾ پيش آيل هڪ ٽريفڪ حادثي سان جڙيل آهي، جنهن ۾ لني جايا جو هڪ مقامي اسيمبلي ميمبر فوت ٿي ويو هو. ان حادثي کان پوءِ روائتي قبائلي معاوضي جي معاملي تي جاري تڪرار حل نه ٿي سگهيو جنهن سبب ٻنهي گروپن وچ ۾ ٻيهر دشمني  شروع ٿي آهي.

مزید خبریں