چين ۽ ميانمار ۾شديد زلزلو، 2 ماڻهو فوت، هڪ لاپتا

بيجنگ _18 مئي (اي پي پي) چين جي ڏکڻ واري علائقي گوانڪشي زوانگ خود مختيار خطي ۽ ميانمار جي ڏکڻ سامونڊي ڪناري ويجهو شديد زلزلو آيو،  چين جي ڏکڻ واري علائقي گوانڪشي زوانگ ۾ صبح جو آيل 5.2 جي شدت جي زلزلي جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو فوت جڏهن ته هڪ شخص لاپتا ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي زلزلي ريليف هيڊ ڪوارٽر مطابق زلزلو ليوزو شهر ۾ آيو …

بيجنگ _18 مئي (اي پي پي) چين جي ڏکڻ واري علائقي گوانڪشي زوانگ خود مختيار خطي ۽ ميانمار جي ڏکڻ سامونڊي ڪناري ويجهو شديد زلزلو آيو،  چين جي ڏکڻ واري علائقي گوانڪشي زوانگ ۾ صبح جو آيل 5.2 جي شدت جي زلزلي جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو فوت جڏهن ته هڪ شخص لاپتا ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي زلزلي ريليف هيڊ ڪوارٽر مطابق زلزلو ليوزو شهر ۾ آيو آهي جنهن بعد امدادي ڪارروايون فوري طورتي شروع ڪيو ويون آهن. اختيارين مطابق صبح جو 8 لڳي 14 منٽن تائين 2 فوتگين جي تصديق ٿي چڪي آهي جڏهن ته لاپتا شخص جي ڳولا جاري آهي . زلزلي سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو ، جڏهن ته متاثر هنڌن تي نقصان جو جائزو ورتو پيو وڃي. ٻئي طرف ميانمار جي ڏکڻ سامونڊي ڪناري ويجهو سومرڏينهن صبح جو 5.3 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. جنهن جا لوڏا ملڪ جي وڏي شهر ينگون ۾ به شدت سان محسوس ڪيا ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق جرمن ريسرچ سينٽر فار جيو سائنسز ٻڌايو آهي ته زلزلو معياري وقت مطابق صبح  جو 2 لڳي 5 منٽن تي آيو. زلزلي جي اونهائي 10 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. اداري مطابق زلزلي جو مرڪز 16.56 اتر پاسي ۽ 94.40 اوڀر طرف زمين هيٺ هو . فري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو فوري اطلاع ناهي مليو، پر اختياريون صورتحال جو جائزو وٺي رهيون آهن.

مزید خبریں