چين جي سفارتخاني طرفان ڪينڊا جي پارليامينٽ  ميمبر جي تائيوان جي دوري جي مذمت

اوٽاوا _ 18 مئي (اي پي پي) ڪينيڊا ۾ چين جي سفارتخاني ڪينيڊا جي پارليامينٽ جي ميمبر مائيڪل چونگ جي تائيوان جو دور ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي هڪ چين پاليسي جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي سفاتخاني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مائيڪل چونگ جو تائيوان جو دورو  ۽ اتان جي قيادت سان ملاقاتون ڪينيڊا جي ان عزم جي ابتڙ …

اوٽاوا _ 18 مئي (اي پي پي) ڪينيڊا ۾ چين جي سفارتخاني ڪينيڊا جي پارليامينٽ جي ميمبر مائيڪل چونگ جي تائيوان جو دور ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي هڪ چين پاليسي جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي سفاتخاني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مائيڪل چونگ جو تائيوان جو دورو  ۽ اتان جي قيادت سان ملاقاتون ڪينيڊا جي ان عزم جي ابتڙ آهن جنهن تحت هو هڪ چين اصول کي تسليم ڪري ٿو. سفارتخاني مطابق اهو قدم تائيوان جي آزادي جي حمايت جو غلط پيغام ڏي ٿو . بيان ۾ چيو ويو آهي ته سفارتخاني مطابق اهو قدم تائيوان جي آزادي جي حمايت جو غلط پيغام ڏي ٿو . بيان ۾ چيو ويو آهي ته تائيوان جو مسئلو چين جي بنيادي مفادن جو مرڪز آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به ٻاهرين مداخلت کي برداشت نه ڪيو ويندو. چين جي سفارتخاني زور ڀريو آهي ته هڪ چين اصول نه صرف چين ۽ ڪينيڊا لاڳاپن جو سياسي بنياد آهي پر عالمي لاڳاپن جو به هڪ بنيادي اصول آهي. چين ڪينيڊا تي زور ڀريو ته هو هڪ چين جي پاسداري ڪري ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪري جيڪي چين جي گهرو معاملن ۾ مداخلت جي برابر هجن. واضع رهي ته ڪينيڊين پارليامينٽ جو ميمبر مائيڪل چونگ 18 کان 21 مئي تائين تائيوان جي دوري تي ويندو جتي هو تائيوان جي اڳواڻ لائي چنگ ۽ ٻين اختيارين سان ملاقات ڪندو . ياد رهي ته 2021ع ۾ چين مائيڪل چونگ تي ان وقت پابندي لاڳو ڪئي هئي جڏهن ڪينيڊين پارليامينٽ چين ۾ ايغور مسلمانن خلاف مبينه انساني حقن جي ڀڃڪڙي کي نسل ڪشي قرار ڏنو هو.

مزید خبریں