رياض _18 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ سيڪيورٽي ۽ حج سيڪيورٽي ڪميٽي جي سربراهه ليفٽينٽ جنرل محمد البسامي مشاعر مقدس ۾ هلندڙ 1447هه جي حج سيزن دوران حاجين جي خدمت تي مقرر حج سيڪيورٽي فورسز ۽ معاون فوجي ادارن جو معائنو ڪيو . پرڏيهي ميڊيا مطابق ان جاچ جي دوري دوران ليفٽينٽ جنرل محمد البسامي سيڪيورٽي ۽ تنظيمي منصوبن جي مڪمل تياري جي تصديق ڪئي …
سعودي عرب پاران حج سيزن لاءِ سيڪيورٽي ۽ تنظيمي منصوبن جي تياري مڪمل ٿيڻ جو اعلان
رياض _18 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ سيڪيورٽي ۽ حج سيڪيورٽي ڪميٽي جي سربراهه ليفٽينٽ جنرل محمد البسامي مشاعر مقدس ۾ هلندڙ 1447هه جي حج سيزن دوران حاجين جي خدمت تي مقرر حج سيڪيورٽي فورسز ۽ معاون فوجي ادارن جو معائنو ڪيو . پرڏيهي ميڊيا مطابق ان جاچ جي دوري دوران ليفٽينٽ جنرل محمد البسامي سيڪيورٽي ۽ تنظيمي منصوبن جي مڪمل تياري جي تصديق ڪئي . جنهن جو مقصد ضيوف الرحمان جي جان ۽ مال جي تحفظ، سيڪيورٽي ۽ سڪون کي يقيني بڻائڻ آهي ته جيئن هو آساني ۽ اطمينان سان پنهنجا حج جا رڪن ادا ڪري سگهن . ٻئي پاسي سعودي هلال احمر اٿارٽي به هڪ جديد ايمبولينس سسٽم ذريعي حج سيزن لاءِ پنهنجي آپريشنل پلان کي فعال ڪري ڇڏيو آهي جيڪو مشاعر مقدس ۽ ان جي پسگردائي جو احاطو ڪري ٿو . صحت جي تيارين کي بهتر بڻائڻ ۽ هنگامي حالتن ۾ فوري رد عمل کي تيز ڪرڻ جي ڪوششن تحت ان نظام کي وسيع ميداني ۽ فضائي نگراني ۾ مدد حاصل آهي ، ته جيئن حاجين کي ان سموري ايماني سفر دوران جامع ايمبولنس خدمت جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي.












