جنيوا _18 مئي (اي پي پي ) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او ) جهموريه ڪانگو ۾ ايبولا جي پکيڙ کي عالمي سطح تي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته اوڀر صوبي ايتوري ۾ هيستائين ان وبا جا اٽڪل 246 شڪي ڪيس ۽ 80 فوتگيون رپورٽ ٿي چڪيون آهن . اداري جو چوڻ آهي ته صورتحال اڃان عالمي …
صحت جي عالمي اداري پاران ڪانگو ۾ ايبولا وبا کي عالمي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار

مزید خبریں
جنيوا _18 مئي (اي پي پي ) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او ) جهموريه ڪانگو ۾ ايبولا جي پکيڙ کي عالمي سطح تي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته اوڀر صوبي ايتوري ۾ هيستائين ان وبا جا اٽڪل 246 شڪي ڪيس ۽ 80 فوتگيون رپورٽ ٿي چڪيون آهن . اداري جو چوڻ آهي ته صورتحال اڃان عالمي وبائي ايمرجنسي (پينڊمڪ) تائين ناهي پهتي. اداري خبردار ڪيو آهي ته اها وبا موجوده اندازن ۽ رپورٽ ڪيل ڪيسن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ پکڙجي سگهي ٿي ۽ ان جي مقامي ۽ علائقائي سطح تي پکڙجڻ جو نمايان خطرو موجود آهي. ڊبليو ايڇ او مطابق هن وقت ايبولا جو جيڪو قسم سامهون آيو آهي اهو بنڊي بوگيو وائرس سبب آهي ۽ ان جي علاج لاءِ اڃان تائين ڪا منظور ٿيل دوا يا ويڪسين دستياب ناهي . ان وبا سبب متاثر شخص ۾ موجود شروعاتي علامت ۾ بخار، جسم ۾ سور، ٿڪ، مٿي ۾ سور ۽ ڳلي جي خارش شامل آهي، جنهن بعد الٽي ، دست ، کل تي خارش ۽ رت وهڻ جهڙيون علامتون ظاهر ٿي سگهن ٿيون.











