رياض _18 مئي (اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان مصر جي هم منصب ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي ۽ امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد آل نهيان سان ڳالهيون ڪيون آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق اماراتي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي رابطي ۾ گڏيل عرب امارات ۾ ايٽمي پاور پلانٽ تي حملي بعد کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي …
سعودي عرب جي پرڏيهي وزير پاران اماراتي ۽ مصر جي هم منصبن سان ٽيليفونڪ رابطو، علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
رياض _18 مئي (اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان مصر جي هم منصب ڊاڪٽر بدر عبدالعاطي ۽ امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد آل نهيان سان ڳالهيون ڪيون آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق اماراتي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي رابطي ۾ گڏيل عرب امارات ۾ ايٽمي پاور پلانٽ تي حملي بعد کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . سعودي پرڏيهي وزير ايٽمي پاور پلانٽ تي ڊرون حملي جي مذمت ڪئي . مصر ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير رابطي ۾ علائقائي صورتحال، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ وچ اوڀر جي تڪرار لاءِ سفارتي حل جي حمايت لاءِ گڏيل ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون . انهن ڪوششن ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙي جون ڪوششون به شامل آهن.











