انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي مواصلات دنيا کي گلوبل وليج ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد - 17 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته جديد دور ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي مواصلات دنيا کي گلوبل وليج ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جتي ڄاڻ جي وقت تي پهچ، اثرائتا رابطا ۽  ڊجيٽل سهولتون ترقي، خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ ضروري حيثيت اختيار ڪري چڪيون آهن. سينيٽ سيڪرٽريٽ مان ٽيلي مواصلات ۽ انفارميشن سوسائٽي جي عالمي ڏينهن جي موقعي …

اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته جديد دور ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي مواصلات دنيا کي گلوبل وليج ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جتي ڄاڻ جي وقت تي پهچ، اثرائتا رابطا ۽  ڊجيٽل سهولتون ترقي، خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ ضروري حيثيت اختيار ڪري چڪيون آهن. سينيٽ سيڪرٽريٽ مان ٽيلي مواصلات ۽ انفارميشن سوسائٽي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هر سال 17 مئي تي ملهائجندڙ هي عالمي ڏينهن 1865ع ۾ انٽرنيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن يونين (آءِ ٽي يو) جي قيام جي ياد ڏياري ٿو، ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد سڄي دنيا ۾ مواصلات، ٽيڪنالاجي، جديد رابطن ۽ معلومات جي منتقلي جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ڊجيٽل ٽيڪنالاجي تعليم، صحت، واپار، پارليماني معاملن ۽ عوامي خدمتن سميت زندگي جي هر شعبي ۾ انقلابي تبديليون پيدا ڪيون آهن. هن ان ڳاهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ جديد مواصلاتي نظام ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي کي هٿي وٺائڻ ذريعي نوجوان نسل کي عالمي سطح تي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا.سينيٽ چيئرمين ٽيلي مواصلات ۽ انفارميشن سوسائٽي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جديد مواصلاتي نظام، ڊجيٽل اختراع ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺائڻ ذريعي اُسريل ۽ مربوط معاشري جي قيام طرف پنهنجو سفر جاري رکندو.