اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي)مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ڀارتي آرمي چيف جي بيان جي حوالي سان پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته ڀارتي آرمي چيف جو بيان نئين دهلي جي اڻڄائي جو ثبوت آهي. مواصلات واري وزارت طرفان جاري رد عمل ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان خلاف ڪنهن به مهم جوئي جو انجام عبرتناڪ هوندو. وفاقي وزير عبدالعليم خان وڌيڪ چيو ته ايٽمي پاڪستان ڏکڻ …
ڀارتي آرمي چيف جو بيان نئين دهلي جي اڻڄائي جو ثبوت آهي: وفاقي وزير عبدالعليم خان

مزید خبریں
اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي)مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ڀارتي آرمي چيف جي بيان جي حوالي سان پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته ڀارتي آرمي چيف جو بيان نئين دهلي جي اڻڄائي جو ثبوت آهي. مواصلات واري وزارت طرفان جاري رد عمل ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان خلاف ڪنهن به مهم جوئي جو انجام عبرتناڪ هوندو. وفاقي وزير عبدالعليم خان وڌيڪ چيو ته ايٽمي پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي جاگرافيائي جو اهو حصو آهي جنهن کي ختم نٿو ڪري سگهجي، ڀارتي قيادت 8 ڏهاڪا گذرڻ باوجود به تاريخ مان سبق نه سکيو. هن چيو ته نئين دهلي جو جارحاڻو رويو حق جي ويڙهه ۾ ملندڙ شڪست جي ڪاوڙ آهي. هن چيو ته ڀارت ياد رکي ته ڪنهن جاگرافيائي نقصان جي صورت ۾ تباهي جو ذميوار ڀارت هوندو. عبدالعليم خان چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج وطن جي دفاع لاءِ تيار آهي، پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جون ڀارتي ڪوششون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون. هن چيو ته ڀارت خطي ۾ مداخلت بدران پاڻ وٽ مسلمانن جي حقن جو تحفظ ڪري.











