ڀارت کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هو پنهنجي جاگرافيائي حيثيت برقرار رکڻ چاهي ٿو يا نه: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) صدر جي ترجمان مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڀارت کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هو پنهنجي موجوده جاگرافيائي حيثيت برقرار رکڻ چاهي ٿو يا نه، جيڪڏهن هو پنهنجن سمورن پاڙيسرين سان جهيڙا ڪندو رهيو ۽ پنهنجي نسل ۽ مذهبي اقليتن کي دٻائيندو رهيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن هو پنهنجي موجوده جاگرافيائي ساخت وڃائي ڇڏيندو. آچر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس …

اسلام آباد-17 مئي (اي پي پي) صدر جي ترجمان مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڀارت کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هو پنهنجي موجوده جاگرافيائي حيثيت برقرار رکڻ چاهي ٿو يا نه، جيڪڏهن هو پنهنجن سمورن پاڙيسرين سان جهيڙا ڪندو رهيو ۽ پنهنجي نسل ۽ مذهبي اقليتن کي دٻائيندو رهيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن هو پنهنجي موجوده جاگرافيائي ساخت وڃائي ڇڏيندو. آچر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڀارت کي اسانکي تاريخ تي ليڪچر ڏيڻ بند ڪرڻ گهرجي، اسان جي تاريخ موهنجو دڙو، مهر گڙهه ۽ ٽيڪسلا تائين ڦهليل آهي ۽ اسان جي سامهون روشن مستقبل نه موجود آهي. هن چيو ته ڀارت جون موجوده پاليسيون واضح طور ظاهر ڪن ٿيون ته هو ڪنهن مستقبل کانسواءِ رڳو ماضي ۾ جيئڻ چاهي ٿو.