ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جو قدم غيرقانوني ۽ قبولڻ جوڳو نه  آهي: آبي ماهر سعديه خالد

اسلام آباد - 17 مئي (اي پي پي) ماحولياتي ۽ آبي ماهر سعديه خالد، ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ ڪنهن به قدم کي غيرقانوني ۽ مڪمل طور تي ناقابل قبول قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ڀارت هڪ طرفي طور معاهدي کي معطل نٿو ڪري سگهي. ”اي پي پي“ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تي واضح ۽ مضبوط …

اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) ماحولياتي ۽ آبي ماهر سعديه خالد، ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ ڪنهن به قدم کي غيرقانوني ۽ مڪمل طور تي ناقابل قبول قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ڀارت هڪ طرفي طور معاهدي کي معطل نٿو ڪري سگهي. ”اي پي پي“ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تي واضح ۽ مضبوط موقف رکي ٿو، ان معاملي کي مسلسل عالمي فورمز تي اٿاري ٿو ۽ عالمي برادري آڏو ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت ان مسئلي  کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي ان معاملي کي هر سفارتي ۽ عالمي پليٽ فارم تي کڻڻ گهرجي. هن عالمي ميڊيا ۽ ڀارت سان دوستاڻن لاڳاپنکي  برقرار رکندڙ ملڪن تي به زور ڀريو ته هو تڪرار جي پرامن حل کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار اداڪن.