رياض-17 مئي (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانونن جون وڌيڪ 9 هزار 576 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون جڏهن ته 11 هزار 272 غير قانوني پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق گهرو وزارت جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته 7 کان 13 مئي 2026ع وچ ۾ مجموعي طور تي 4 هزار 865 ماڻهن کي اقامه قانون، 3 هزار …
سعودي عرب ۾ هفتي ۾ قانون جون 9576 ڀڃڪڙيون، 11 هزار 272 پرڏيهي ملڪ بدر

مزید خبریں
رياض-17 مئي (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانونن جون وڌيڪ 9 هزار 576 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون جڏهن ته 11 هزار 272 غير قانوني پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق گهرو وزارت جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته 7 کان 13 مئي 2026ع وچ ۾ مجموعي طور تي 4 هزار 865 ماڻهن کي اقامه قانون، 3 هزار 319 کي غير قانوني سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ۽ هڪ هزار 392 کي محنت جي قانون جي ڀڃڪڙي تي حراست ۾ ورتو ويو. غير قانوني طور تي سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش تي هڪ هزار 403 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، انهن ۾ 60 سيڪڙو ايٿوپين، 38 سيڪڙو يمني ۽ 2 سيڪڙو ٻين ملڪن سان تعلق رکن ٿا. ان کان علاوه 58 اهڙن ماڻهن کي به پڪڙيو ويو آهي جيڪي سرحد پار ڪري سعودي عرب مان پاڙيسري ملڪن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سفر، رهائش، روزگار ۽ پناهه ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ملوث 12 ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو ويو.











