حرمين ٽرين ذريعي هن وقت تائين 6 لک 70 هزار حج پانڌيئڙن سفر جي سهولت مان فائدو حاصل ڪيو

مڪو شريف – 17 مئي (اي پي پي) سعودي ريلوي حج سيزن 2026ع لاءِ آپريشنل پلان جي اعلان کانپوءِ هن وقت تائين حرمين هاءِ اسپيڊ ٽرين جي 2 هزار 900 ٽرپس ذريعي 6 لک 70 هزار حج پانڌيئڙن کي منتقل ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آپريشنل پلان حج پانڌيئڙن جي وڌندڙ آمد سان هم آهنگ آهي، اهي انگ اکر سعودي ريلوي جي حج پانڌيئڙن جي خدمت لاءِ شروعاتي تياري ۽ …

مڪو شريف – 17 مئي (اي پي پي) سعودي ريلوي حج سيزن 2026ع لاءِ آپريشنل پلان جي اعلان کانپوءِ هن وقت تائين حرمين هاءِ اسپيڊ ٽرين جي 2 هزار 900 ٽرپس ذريعي 6 لک 70 هزار حج پانڌيئڙن کي منتقل ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آپريشنل پلان حج پانڌيئڙن جي وڌندڙ آمد سان هم آهنگ آهي، اهي انگ اکر سعودي ريلوي جي حج پانڌيئڙن جي خدمت لاءِ شروعاتي تياري ۽ ٻين ادارن ۽ سسٽم سان ڪوآردينيشن کي ظاهر ڪن ٿا. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي ريلوي سڄي حج سيزن ۾ وڏي تعداد ۾ پانڌيئڙن جي چر پر سان هم آهنگ رهڻ لاءِ اعليٰ ترين تياري سان ڪم جاري رکندي. مڪي شريف ۽ مديني شريف وچ ۾ 5 هزار 300 ٽرپس ذريعي حج پانڌيئڙن کي سفري سهولتون فراهم ڪيون وينديون. مصروس وقت ۾ ٽرپس جو روزاني انگ 142 تائين پهچي ويندو جيڪو مڪي ۽ مديني وچ ۾ حج پانڌيئڙن جي سفر کي آسان بڻائيندو. سعودي ريلوي مطابق حج سيزن لاءِ 35 اليڪٽرڪ ٽرينون فراهم ڪيون ويون آهن، هڪ ٽرين ۾ 13 بوگيون آهن ۽ هر هڪ ۾ 417 مسافرن جي گنجائش آهي. واضح رهي ته حرمين هاءِ اسپيڊ ٽرين جو شمار دنيا جي 10 تيز رفتار ٽرينن ۾ ٿئي ٿو جڏهن ته وچ اوڀر جو اهو سڀني کان وڏو ريلوي منصوبو آهي.