فلسطيني عوام لاءِ نڪبه صرف تاريخ جو هڪ بند باب نه پر هڪ مسلسل حقيقت آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد- 16 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي عوام فلسطيني عوام جي خودمختياري، آزادي ۽ وقار جي حق لاءِ منصفاڻي جدوجهد سان پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي جو وچن ورجائي ٿي. هي ڏينهن 1948ع جي المناڪ واقعن جي ياد ڏياري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ لکين فلسطيني پنهنجن گهرن ۽ زمينن تان بي گهر ٿيا ۽ انهن کي ڊگهي تڪليف ۽ مشڪلاتن جو منهن …

اسلام آباد- 16 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي عوام فلسطيني عوام جي خودمختياري، آزادي ۽ وقار جي حق لاءِ منصفاڻي جدوجهد سان پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي جو وچن ورجائي ٿي. هي ڏينهن 1948ع جي المناڪ واقعن جي ياد ڏياري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ لکين فلسطيني پنهنجن گهرن ۽ زمينن تان بي گهر ٿيا ۽ انهن کي ڊگهي تڪليف ۽ مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو. ڇنڇر ڏينهن عالمي نڪبه ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته فلسطيني عوام لاءِ نڪبه صرف تاريخ جو هڪ بند باب نه آهي پر هڪ مسلسل حقيقت آهي، جيڪا قبضي، بي گهر ڪرڻ، محرومي ۽ بنيادي حقن کان انڪار جي صورت ۾ اڄ به جاري آهي. پاڪستان سدائين فلسطيني عوام سان گڏ بيٺو آهي ۽ گڏيل قومن سميت ٻين عالمي فورمن تي انهن جي جائز ۽ هٿ نه کڻڻ جهڙن حقن لاءِ آواز بلند ڪندو رهيو آهي. پاڪستان جو موقف انصاف، عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي اصولن تي ٻڌل آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر چيو ته هن اهم ڏينهن تي، پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته فلسطيني عوام، خاص طور تي فلسطيني پناهگيرن جي مسلسل حمايت کي يقيني بڻايو وڃي. قرارداد 194 تحت تسليم ٿيل فلسطيني پناهگيرن جي واپسي جي حق کي اڃان تائين عملي جامعو نه پارايو ويو آهي، جنهن کي يقيني بڻائڻ گهرجي. پاڪستان غزه ۾ فوري، غير مشروط ۽ پائيدار جنگ بندي، فلسطيني عوام کي انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي، ۽ اسرائيل جي قدمن جي احتساب جي پنهنجي مطالبي کي ورجائي ٿو. پاڪستان هڪ قابل عمل، آزاد ۽ جاگرافيائي طور تي لڳولڳ فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت جاري رکندو جيڪا 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هُجي ۽ القدس الشريف اُن جي گادي جو هنڌ هجي. صدر چيو ته هن ڏينهن تي پاڪستان سڀني قومن کان پرزور مطالبو ڪري ٿو ته اهي عالمي قانون جو احترام ڪن، فلسطيني عوام جي جائز حقن جي حمايت ڪن ۽ فلسطيني مسئلي جي منصفاڻي، پائيدار ۽ جامع حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪن. پاڪستان فلسطيني عوام هٿ نه کڻڻ وارن حقن، جن ۾ خود مختياري جو حق ۽ هڪ آزاد رياست جي قيام تائين انهن سان مُڪمل يڪجهتي جاري رکندو.