پرامن، روادار ۽ متحد معاشري جي قيام لاءِ عملي قدمن لاءِ پرعزم آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پرامن، روادار ۽ متحد معاشري جي قيام لاءِ عملي قدمن لاءِ پرعزم آهيون جتي هر شهري بنا ڪنهن فرق رنگ ۽ نسل ۽ مذهب جي باوقار زندگي گذاري سگهي. ڪٽنب جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي برادري سان هڪ آواز بڻجي پرامن ڪٽنب جي زندگي گذارڻ جو ڏينهن ملهائي …

اسلام آباد-16 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پرامن، روادار ۽ متحد معاشري جي قيام لاءِ عملي قدمن لاءِ پرعزم آهيون جتي هر شهري بنا ڪنهن فرق رنگ ۽ نسل ۽ مذهب جي باوقار زندگي گذاري سگهي. ڪٽنب جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي برادري سان هڪ آواز بڻجي پرامن ڪٽنب جي زندگي گذارڻ جو ڏينهن ملهائي رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن ملڪي ۽ عالمي سطح تي هڪ پرامن، هم آهنگ ۽ متحد معاشري جي تعمير جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. ملڪي سطح تي اهڙو سماجي ماحول جوڙڻ جيڪو امن کي هٿي وٺرائڻ جو سبب بڻجي بيشڪ اسان جي بصيرت افروز قومي وارثت ۽ آئيني ذميواري آهي. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح قومي ترجيحن جي نشاندهي ڪندي واضح ڪيو هو ته قوم جي حيثيت سان اسان قومي ۽ عالمي معاملن ۾ ديانتداري ۽ منصفاڻي طرز عمل جي اصولن تي يقين رکون، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ امن ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجون ڀرپور خدمتون انجام ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. اهي اصول اسان جي فخر جوڳي قومي سڃاڻپ آهي ۽ وڌيڪ هم آهنگ ۽ متحد قومي ۽ عالمي معاشري جي قيام طرف اسان جي جدوجهد جو بنياد پڻ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت پرامن، روادار ۽ متحد معاشري جي قيام لاءِ عملي قدمن لاءِ پرعزم آهي جتي هر شهري بنا ڪنهن فرق، رنگ ۽ نسل ۽ مذهبي جي باوقار زندگي گذاري سگهي. پاڪستان جي آئين ۾ به هر قسم سميت صوبائي، نسل، فرقيواراڻي ۽ علائقائي تعصب خلاف آئيني تحفظ فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان مختلف ٻوليون، گهڻ رخي ثقافتون، مسلڪن ۽ تهذيبي روايتون رکندڙ ملڪ آهي ۽ هي سماجي انفرادي جدت پاڪستان جي معاشرتي مضبوطي جو اظهار آهي. قومي اتحاد ۽ سماجي هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پيغام پاڪستان سميت مثبت قومي بياني جو مقصد فڪري ۽ عملي انتهاپسندي جو خاتمو آهي. هن انساني حقن جي آئيني تحفظ سان گڏوگڏ پاليسي ۽ عملي قدمن کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ حڪومت انساني حقن بابت قومي ايڪشن پلان جوڙيو آهي، جنهن جو مقصد عورتن کي بااختيار بڻائڻ، ٻارن جو تحفظ ۽ پٺتي پيل ڪمزور طبقن جي حقن کي هٿي وٺرائڻ آهي، ملڪ جي پهرين انساني حقن ۽ ڪاروبار بابت قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جاري آهي، جنهن ذريعي ذميواراڻو ڪاروباري طرز عمل، مزدورن جي حقن جو تحفظ، اڻبرابري جي سلوڪ جو خاتمو ۽ ڪاروباري سرگرمين سان جڙيل انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي موثر ازالي کي هٿي ڏيڻ آهي، هي پاليسي قدم هڪ منصفاڻي، مربوط ۽ برابري واري معاشري جو بنياد فراهم ڪن ٿيون. هن چيو ته حڪومت انساني حقن جي آگاهي واري پروگرام ذريعي به رواداري واري جذبي ۽ اتحاد ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏئي رهي آهي. حڪومت اداره جاتي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ انساني حقن بابت قومي ڪميشن جي قيام ۽ فعاليت ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، صوبن ۾ به ضلعي انساني حقن واريون ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن ته جيئن مقامي سطح تي سماجي هم آهنگي کي هٿي ڏئي سگهجي، انهن قدمن کي ٽيڪنالاجي ذريعي سهولت يافته صنفي بنياد تي تشدد جي ازالي جي قومي حڪمت عملي ۽ اقليتي فلاحي فنڊ ذريعي وڌيڪ هٿي ڏني پئي وڃي، ان روشني ۾ حڪومت اهڙا قانوني سڌاراجاتي قدم به متعارف ڪرايا آهن جيڪي معاشري ۾ نقصانڪار رسمن ۽ تشدد جي خاتمي ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ان ۾ آءِ سي ٽي، گهريلو تشدد جي روڪٿام ۽ تحفظ ايڪٽ 2026ع، آءِ سي ٽي ننڍپڻ جي شادي جي روڪٿام ايڪٽ 2025ع ۽ اقليتي حقن بابت قومي ڪميشن ايڪٽ 2025ع پارليامينٽ مان منظور ٿي چڪا آهن ۽ وزارت انهن ڪميشن جي قيام جا مرحلا مڪمل ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اهي سمورا مجموعي قدم پاڪستان حڪومت جي ان پختي عزم جو اظهار آهن ته هڪ متحد ۽ پرامن معاشرو جوڙي سگهجي جتي هر فرد پرامن انداز ۾ عزت، برابري ۽ گڏيل احترام سان زندگي گذاري سگهي. هن چيو ته هو نوجوانن، مذهبي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي  کي اپيل ٿو ڪري ته هو سهپ، همدردي ۽ رواداري جي قدمن کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اچو ته گڏجي اهڙي پاڪستان ۽ دنيا جي تعمير ڪريون جتي اختلاف ۽ ورڇ جي جاءِ تي خوشحال ۽ هم آهنگ مستقبل يقيني هجي.