داتا دربار پاڪستان جي روحاني عظمت ۽ تهذيبي ورثي جي روشن علامت آهي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

لاهور -16 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ داتا درٻار ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ انتظامن بابت اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس دوران نائب وزيراعظم داتا درٻار تي جاري ترقياتي ۽ سجاوٽ وارن ڪمن جي تعريف ۽ مزار جي روحاني ۽ معماري حسن کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل خطاطي جي تجويز ڪيل مسودي جي منظوري به ڏني. اجلاس …

لاهور -16 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ داتا درٻار ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ انتظامن بابت اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس دوران نائب وزيراعظم داتا درٻار تي جاري ترقياتي ۽ سجاوٽ وارن ڪمن جي تعريف ۽ مزار جي روحاني ۽ معماري حسن کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل خطاطي جي تجويز ڪيل مسودي جي منظوري به ڏني. اجلاس ۾ سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو نبيل جاويد ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم چيو ته داتا درٻار پاڪستان جي روحاني عظمت ۽ تهذيبي ورثي جي روشن علامت آهي. هن اجلاس دوران غسل پروگرام جي پڻ منظوري ڏني ۽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته زائرين ۽ عقيدتمندن جي سهولت لاءِ مثالي ۽ مربوط انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي. هن زور ڀريو ته روحاني تقريب دوران ايندڙ زائرين کي پرسڪون، منظم ۽ روح پرور ماحول  فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن. اجلاس کي خطاب ڪندي  سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو نبيل جاويد چيو ته پنجاب حڪومت داتا درٻار جي تاريخي ۽ روحاني عظمت کي برقرار رکندي جديد سهولتن جي فراهمي لاءِ جامع ترقياتي منصوبن تي عمل ڪري رهي آهي. هن  چيو ته منصوبا اعليٰ معيار جي پيشيواراڻي مهارت سان جاري آهن ته جيئن  زائرين کي بهترين سهولتون  فراهم ڪري سگهجن. سيڪريٽري ۽ چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف پنجاب ڊاڪٽر احسان ڀٽه اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اوقاف کاتو داتا درٻار جي صفائي، روشني، تحفظ، رهائش وارن  انتظامن سميت ٻين ڪيترن ئي  ڀلائي ۽ ترقياتي وارن قدمن  تي تيزي سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته غسل پروگرام جي موقعي تي سڄي ملڪ مان آيل عقيدتمندن جي بهترين ميزباني ۽ سهولتن لاءِ غير معمولي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.