پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مالياتي تعاون جي نئين دور جي شروعات آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب

اسلام آباد/ بيجنگ -16 مئي (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مالياتي تعاون جي نئين دور جي شروعات آهي جڏهن ته ان اڳڀرائي ذريعي پاڪستان کي پهريون ڀيرو چين جي مقامي ڪرنسي کي مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ٿي آهي جنهن کي دنيا جي ٻي وڏي ۽ گهري ڪيپيٽل مارڪيٽ سمجهي وڃي ٿي. ناڻي واري …

اسلام آباد/ بيجنگ -16 مئي (اي پي پي) ناڻي بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مالياتي تعاون جي نئين دور جي شروعات آهي جڏهن ته ان اڳڀرائي ذريعي پاڪستان کي پهريون ڀيرو چين جي مقامي ڪرنسي کي مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ٿي آهي جنهن کي دنيا جي ٻي وڏي ۽ گهري ڪيپيٽل مارڪيٽ سمجهي وڃي ٿي. ناڻي واري وزارت موجب چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ (سي جي ٽي اين) کي ڏنل انٽرويو ۾ ناڻي واري وزير چيو ته پانڊا بانڊ جو ڪاميابي سان جاري ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته چيني مالياتي ادارن ۽ عالمي سيڙپڪارن جو پاڪستان جي معاشي رخ، سڌارن واري ايجنڊا ۽ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام تي اعتماد وڌي رهيو آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته پانڊا بانڊ صرف پاڪستان جي مالياتي حڪمت عملي لاءِ اهم نه آهن  پر ان سان چيني ڪرنسي آر ايم بي  جي عالمي استعمال کي به هٿي ملندي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ چين  وچ ۾ اٽڪل چوٿون حصو واپار اڳ ئي آر ايم بي ۽ چيني يوآن ۾ ٿي رهيو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ مالياتي ۽ اقتصادي رابطن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي پهرين مرحلي ۾ بنيادي ڍانچي جي تعمير تي ڌيان ڏنو ويو، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ ڪاروباري تعاون، صنعتي شراڪتداري ۽ انفراسٽرڪچر مان معاشي فائدا حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جون ترجيحون گڏيل واپار، سيڙپڪاري، علائقائي رابطن ۽  پائيدار اقتصادي ترقي جي حوالي سان هڪ ٻئي سان هم آهنگ آهن. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان موجوده علائقائي صورتحال باوجود خريداري، رسد ۽ لاجسٽڪس سان لاڳاپيل شروعاتي چئلينجز کي اثرائتي انداز ۾ سنڀاليو ۽ معاشي استحڪام کي برقرار رکيو. هن چيو ته اهم معاشي اهڃاڻ صحيح رخ ۾ اڳيان وڌي رهيا آهن. سينيٽر محمد اورنگزيب  حڪومت جي سڌارن واري پروگرام، مالياتي نظم و ضبط ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٽيڪس نظام، توانائي، سيڙپڪاري وارن ادارن ۽ ڊجيٽل گورننس ۾ جاري سڌارا سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان جي معاشي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائي رهيا آهن. واضع رهي ته هي تاريخي بانڊ جاري ڪرڻ سبب پاڪستان  کي پهريون ڀيرو چين جي مقامي ڪرنسي مارڪيٽ تائين پهچ فراهم ٿي آهي  ۽ ان کي پاڪستان جي معاشي سفارتڪاري ۽ مالياتي تنوع جي حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو پيو وڃي. پانڊا بانڊ پروگرام جو مجموعي ڳاڻيٽو هڪ ارب آمريڪي ڊالر آهي، جڏهن ته شروعاتي طور جاري 250 ملين آمريڪي ڊالر جي برابر آهن. اهي بانڊ جاري ڪرڻ ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي مدد حاصل آهي.  تقريب ۾ چين جي ناڻي واري وزارت ۽ پيپلز بئنڪ آف چائنا جي نمائندن به شرڪت ڪئي. ناڻي واري وزير پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ ۾ تعاون تي چيني حڪومت، مالياتي ادارن، ريگيوليٽري اختيارين ۽ عالمي ترقياتي شراڪتدارن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اها اڳڀرائي مستقبل ۾ وڌيڪ مالياتي تعاون ۽ نوان بانڊ جاري ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪندي.