اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري سان ميجر جنرل مجدي هلال جي قيادت ۾ مصر جي گهرو وزارت جي وفد ملاقات ڪئي آهي. وفد ۾ بريگيڊيئر عصام ابوالخير، بريگيڊيئر انجنيئر محمد راضي ۽ بريگيڊيئر محمد منير شامل هئا. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي گهرو وزارتن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزارت پاران جاري …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري سان ميجر جنرل مجدي هلال جي قيادت ۾ مصر جي گهرو وزارت جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري سان ميجر جنرل مجدي هلال جي قيادت ۾ مصر جي گهرو وزارت جي وفد ملاقات ڪئي آهي. وفد ۾ بريگيڊيئر عصام ابوالخير، بريگيڊيئر انجنيئر محمد راضي ۽ بريگيڊيئر محمد منير شامل هئا. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي گهرو وزارتن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزارت پاران جاري پڌرائي مطابق ان موقعي تي سيڪيورٽي، دهشتگردي جي خاتمي، منشيات جي روڪٿام، سائبر ڪرائم ۽ سيف سٽي جي شعبن ۾ شراڪت کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي نيشنل پوليس اڪيڊمي ۽ مصر جي پوليس اڪيڊمي وچ ۾ آفيسرن جي گڏيل ٽريننگ لاءِ سهڪار وڌائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزيرچيو ته مصري وفد جو دورو ٻه طرفا سهڪار جا نوان رستا ڳولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، مصر سان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويندا. گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته گڏيل مفادن جي شعبن ۾ سهڪار لاءِ نوان موقعا ڳولڻ لاءِ پاڪستاني وفد جلدي مصر جو دورو ڪندو، ٻنهي ملڪن جي گهرو وزارتن وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ سان ٻه طرفا لاڳاپا مستحڪم ٿيندا. گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري ملاقات دوران چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي، منشيات جي روڪٿام ۽ داخلي سلامتي جي شعبن ۾ سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. مصري وفد چيو ته اينٽي نارڪوٽڪس فورس، اين پي اي سميت مختلف ادارن جا دورا انتهائي فائدي مند رهيا آهن ۽ ٻئي ملڪ مختلف شعبن ۾ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي مصري هم منصب لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. ان موقعي تي گهرو سيڪريٽري ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا.











